Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 28:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا تہ هي سڀ برڪتون اوهان تي نازل ٿينديون ۽ اوهان کي ملنديون رهنديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، تہ هي سڀ برڪتون تو تي نازل ٿينديون، ۽ توکي اچي پهچنديون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 28:2
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تون اهڙيءَ طرح ئي سڀاڳو ٿيندين، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند جو خوف رکين ٿو.


پر ڏسو، منهنجا اهي حڪم ۽ قاعدا قانون جيڪي مون پنهنجي ٻانهن نبين جي معرفت چيا هئا، سي اڄ بہ قائم آهن. انهن مطابق ئي مون کين سزا ڏني. آخرڪار هو توبهہ‌تائب ٿيا ۽ مڃيائون تہ مون قادر‌مطلق ساڻن اهڙو ئي سلوڪ ڪيو، جنهن جي هو لائق هئا ۽ جنهن جو مون ارادو ڪري ڇڏيو هو.‘“


برڪت اوهان کي انهيءَ حالت ۾ ملندي جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪندا.


”پر جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪندا ۽ سندس جيڪي قانون ۽ حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل نہ ڪندا تہ هي سڀ لعنتون اوهان تي نازل ٿينديون ۽ اوهان کي لڳل رهنديون.


اوهين شهر ۾ بہ برڪت وارا ٿيندا ۽ ٻهراڙيءَ ۾ بہ.


اهي سڀ لعنتون اوهان تي اينديون ۽ اوهان جي پٺيان پئي تيستائين اوهان سان چُهٽيل رهنديون، جيستائين اوهين برباد نہ ٿي وڃو. ان جو سبب اهو آهي جو اوهان خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري نہ ڪئي ۽ جيڪي قانون ۽ حڪم هن اوهان کي ڏنا تن تي اوهان عمل نہ ڪيو.


انهيءَ جو سبب اهو آهي تہ جسم جي پرورش مان تہ ڪو ٿورو فائدو آهي، پر دينداري سڀني ڳالهين لاءِ فائدي واري آهي. هائو، هاڻوڪي ۽ آئيندہ زندگيءَ جي لاءِ واعدو بہ انهيءَ جي ڪري ٿيل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ