الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخياب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“
”اي ايوب! ياد رک تہ بدڪار ماڻهو پاڻيءَ تي وهندڙ هڪڙي ڪک کان وڌيڪ ڪجھہ بہ نہ آهن. جنهن زمين تي هو رهن ٿا، تنهن تي خدا لعنت ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو انهن جي انگورن جي باغن ۾ پڻ ڪو ڪم نہ ٿو ٿئي.
هرگز نہ، بلڪ جڏهن خداوند اوهان جا بڇڙا عمل ۽ اوهان جا ڪيل ڪراهت جهڙا ڪم وڌيڪ برداشت نہ ڪري سگھيو، تڏهن اوهان جي ملڪ کي ويران ۽ عبرت وَ لعنت جو سبب بڻايائين، ايتري قدر جو منجھس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن اڄوڪي ڏينهن آهي.