Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 28:13 - Muslim Sindhi Bible

13 خداوند اوهان کي قومن جو اڳواڻ بڻائيندو، پوئلڳ نہ. اوهين هميشہ مٿاهان رهندا، هيٺاهان نہ، بشرطيڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي مڃيندا ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

13 تون پڇ نہ، پر مٿو ٿيندين؛ تون هيٺ نہ، پر مٿي ٿيندين؛ بشرطيڪ تون خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، سي ٻڌندين ۽ خبرداري سان انهن تي عمل ڪندين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 28:13
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”يعقوب جي نسل لاءِ خوشيءَ جا گيت ڳايو، قومن جي هن سردار قوم لاءِ نعرا هڻو. هائو، نعرا هڻو ۽ واکاڻ ڪندي چئو تہ ’اي خداوند! تون ئي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي باقي بچي ويلن کي ڇڏائڻ وارو آهين.‘


خداوند اوهان جو خدا اوهان کي برڪت ڏيندو، جيئن هن اوهان سان واعدو ڪيو آهي. اوهين گھڻين ئي قومن کي قرض ڏيندا پر پاڻ قرض نہ کڻندا. اوهين گھڻين ئي قومن تي حڪومت ڪندا پر اوهان تي ڪابہ قوم حڪومت نہ ڪندي.


هو پنهنجي تعريف، نالي ۽ عزت لاءِ انهن سڀني قومن تي اوهان کي برتري بخشيندو، جيڪي هن پيدا ڪيون آهن. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم هوندا، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ طرح خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان کي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو.


جيڪو ڌاريو ماڻهو اوهان جي وچ ۾ هوندو سو اوهان کان وڌندو ويندو ۽ اوهين گھٽبا ويندا.


هو اوهان کي قرض ڏيندو، پر اوهين هن کي قرض ڪين ڏيندا. هو اوهان جو اڳواڻ ٿيندو ۽ اوهين هن جا پوئلڳ.


اوهين رڳو هي ڪريو جو پنهنجي روزاني زندگي مسيح بابت خوشخبريءَ جي لائق گذاريو. پوءِ آءٌ اچي اوهان سان گڏجان يا نہ، تہ بہ احوال اهو ٻڌان تہ هڪڙي ئي پاڪ روح ۾ قائم رهندي اوهين هڪ دل ٿي ڪري گڏجي سخت ڪوشش ڪندا ٿا رهو تہ ماڻهن ۾ خوشخبريءَ تي ايمان وڌندو رهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ