Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 28:1 - Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ طرح خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان کي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون ڪوشش سان خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌندين، ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي فرمايان ٿو، تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندين، تہ خداوند تنهنجو خدا توکي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 28:1
31 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

دائود سمجھي ورتو تہ خداوند کيس بني اسرائيل تي بادشاهہ طور قائم ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ سندس بادشاهي پنهنجي قوم بني اسرائيل جي خاطر بلند وَ بالا ڪئي ويئي هئي.


بيشڪ اهي سڀاڳا آهن جيڪي انصاف ڪن ٿا، ۽ هميشہ سچائيءَ جي راهہ تي هلندا رهن ٿا.


خداوند جي خوف رکڻ سان ئي دانائيءَ جي شروعات ٿئي ٿي. بيشڪ اهي سمجھو آهن جيڪي سندس حڪمن تي عمل ڪن ٿا. سندس واکاڻ هميشہ هميشہ تائين قائم رهندي.


انهيءَ ڪري جو آءٌ تنهنجي سڀني قاعدن کي سچو سمجھان ٿو، ۽ هر ڏنگيءَ راهہ کان نفرت ڪريان ٿو.


پوءِ جڏهن آءٌ تنهنجي حڪمن تي ڌيان سان عمل ڪندس، تڏهن آءٌ ڪڏهن بہ شرمندو ڪين ٿيندس.


هن پنهنجيءَ قوم کي مضبوط ڪيو آهي، تان‌تہ سندس اهي نيڪ بندا سندس ئي واکاڻ پيا ڪن، هائو، اهي سمورا بني اسرائيل جيڪي سندس پيارا آهن. خداوند جي واکاڻ ڪريو.


خدا فرمائي ٿو تہ ”جيڪي مون سان دل لڳائين ٿا، تن کي آءٌ ڇڏائيندس. آءٌ سندن حفاظت ڪندس، ڇوجو هو مون کي خداوند مڃين ٿا.


خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


پر جيڪڏهن اوهين سچ پچ هن جو چيو مڃيندا ۽ جيڪي ڪجھہ آءٌ چوان ٿو سو سڀ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي دشمنن جو دشمن ٿيندس ۽ اوهان جي مخالفن جو مخالف ٿيندس.


مون خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ڪريو تہ آءٌ اوهان جي کاڌي پيتي ۾ برڪت وجھندس. آءٌ اوهان جي وچان بيماريون ڪڍي ڇڏيندس.


جيڪڏهن اوهين دل وَ جان سان منهنجي فرمانبرداري ڪندا، تہ پوءِ اوهين پنهنجي زمين جي چڱي اپت کائيندا.


جڏهن تہ سچار ماڻهو ڄاڻي ڇڏين تہ ساڻن ڀلائي ٿيندي، بيشڪ سندن چڱن ڪمن جو کين اجر ملندو.


هائو، انهن ڳالهين تي جن جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڏنو هو، جڏهن آءٌ کين لوهہ جي بٺيءَ مان يعني مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آيو هئس. مون کين چيو هو تہ هو منهنجي فرمانبرداري ڪن ۽ منهنجي هر حڪم جي تعميل ڪن، تہ پوءِ هو منهنجي قوم هوندا ۽ آءٌ سندن خدا هوندس.


جيڪڏهن هو پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي قوم جا رستا سکندا ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ ’خداوند جيئري جو قسم آهي،‘ جيئن هنن منهنجي قوم کي بعل ديوتا جو قسم کڻڻ سيکاريو هو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم منجھہ قائم ٿي ويندا.


پر جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، بلڪ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم ڪار نہ ڪري ان ڏينهن کي خداوند لاءِ وقف ڪندا،


هو ٻئي خدا جي نظر ۾ نيڪ هئا ۽ سندس سڀني حڪمن ۽ قانونن تي پوريءَ طرح سان عمل ڪندا هئا.


تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي خدا جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“


پوءِ شاگردن کي چيائين تہ ”جيڪو هن ننڍي ٻار کي منهنجي ڪري قبول ٿو ڪري، سو مون کي قبول ڪري ٿو ۽ جنهن مون کي قبول ڪيو، تنهن خدا کي قبول ڪيو جنهن مون کي موڪليو آهي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو اوهان جي نظر ۾ ننڍو آهي سو ئي وڏو آهي.“


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو.


جيڪي نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ ثابت قدم رهندي عزت، عظمت ۽ بقا جا طالب آهن، تن کي خدا دائمي زندگي ڏيندو.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“


تنهنڪري جيڪڏهن اهي حڪم جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي ڌيان ڏيئي ٻڌندا، خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس عبادت ڪندا،


برڪت اوهان کي انهيءَ حالت ۾ ملندي جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي عمل ڪندا.


پر شرط هي آهي تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌو ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو.


اڄوڪي ڏينهن خداوند بہ پنهنجي واعدي موجب اوهان سان اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ اوهين هن جي خاص قوم ۽ قيمتي اثاثو آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين هن جي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهو.


هو پنهنجي تعريف، نالي ۽ عزت لاءِ انهن سڀني قومن تي اوهان کي برتري بخشيندو، جيڪي هن پيدا ڪيون آهن. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم هوندا، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.“


خداوند اوهان کي قومن جو اڳواڻ بڻائيندو، پوئلڳ نہ. اوهين هميشہ مٿاهان رهندا، هيٺاهان نہ، بشرطيڪ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، سي مڃيندا ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ