Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 27:8 - Muslim Sindhi Bible

8 ياد رکو، اوهين انهن کوڙيل پٿرن تي هن شريعت جون سڀيئي ڳالهيون صاف ۽ چٽيءَ طرح لکجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تون انهن پهڻن تي هن شريعت جون سڀ ڳالهيون تمام چٽيءَ طرح لکج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 27:8
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ڪاش! اهي ڇيڻيءَ سان پٿر تي اُڪريون وڃن ها، انهيءَ لاءِ تہ جيئن هميشہ لکيل رهن ها.


تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”هيءَ رويا لک. اها تختين تي اهڙن تہ صاف اکرن ۾ لک جو ڊوڙندڙ ماڻهو بہ اها آسانيءَ سان پڙهي سگھي.


”هن وقت تائين مون اوهان کي اهي ڳالهيون مثالن ۾ پئي ٻڌايون آهن. پر اهو وقت ايندو جڏهن آءٌ اوهان سان مثالن ۾ نہ ڳالهائيندس، بلڪ پيءُ بابت اوهان سان صاف صاف ڳالهيون ڪندس.


تنهنڪري اسين اهڙي اميد جي ڪري وڏي دليريءَ سان خدمت ڪريون ٿا.


اوهين سلامتيءَ جون قربانيون ڪري اهي اُتي ئي کائجو ۽ خداوند جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


پوءِ موسيٰ ۽ لاوي ڪاهنن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ماٺ ڪري ٻڌو. اڄوڪي ڏينهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي قوم بڻجي ويا آهيو.


جيئن خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي حڪم ڏنو هو. هن اها انهيءَ مطابق ٺاهي جيئن موسيٰ جي شريعت واري ڪتاب ۾ لکيل آهي، يعني تہ ”هڪ اڻ‌گھڙيل پٿرن واري قربان‌گاهہ، جنهن تي ڪوبہ لوهي اوزار استعمال نہ ٿيو هجي.“ انهيءَ تي هنن ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ جون قربانيون پيش ڪيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ