Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 27:26 - Muslim Sindhi Bible

26 ’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو هن شريعت جي ڳالهين تي قائم نہ ٿو رهي ۽ نہ مٿن عمل ٿو ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 جيڪو ماڻهو هن شريعت جي ڳالهين تي قائم رهي عمل نہ ڪري، سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 27:26
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”اوهين وڃي منهنجي، ٻين ماڻهن جي ۽ سڄي يهوداہ جي طرفان هن لڌل ڪتاب ۾ لکيل ڳالهين بابت خداوند کان پڇا ڪريو. خداوند اسان تي ضرور ڏمريو هوندو، ڇاڪاڻ تہ اسان جي ابن ڏاڏن هن ڪتاب جي ڳالهين کي ڪونهي مڃيو جو اسان بابت جيڪي هن ۾ لکيل آهي تنهن تي پوريءَ طرح عمل ڪن ها.“


جيڪي بہ تنهنجي خدا جي شريعت ۽ شاهي قانونن تي عمل نہ ڪن تن کي هڪدم موت، جلاوطنيءَ، ملڪيت ضبطيءَ يا قيد جي سزا ڏني وڃي.


تون مغرورن تي فتويٰ جاري ڪرين ٿو. هائو، اهي لعنتي آهن، جيڪي تنهنجي حڪمن جي نافرماني ڪندا ٿا وتن.


پر جيڪڏهن ڪو سچار ماڻهو پنهنجي سچائيءَ کان ڦري وڃي ٿو ۽ گناهہ ڪري ٿو ۽ اُهي سڀ ڪراهت جهڙا ڪم ڪري ٿو جيڪي بدڪار ماڻهو ڪندا آهن، تڏهن ڇا اهو جيئرو رهندو؟ نہ، هرگز نہ، بلڪ هن جيڪي بہ سچائيءَ جا ڪم ڪيا هوندا سي وساريا ويندا. هو پنهنجي نافرمانيءَ ۽ ڪيل گناهن جي ڪري ضرور لوڙيندو.


پوءِ هو کاٻي پاسي وارن کي چوندو تہ ’اي لعنتيؤ! منهنجي اکين اڳيان ٽري وڃو ۽ وڃي ڪڏهن نہ وسامندڙ باهہ ۾ پئو، جيڪا ابليس ۽ سندس ملائڪن لاءِ تيار ڪئي ويئي آهي،


شريعت تي عمل ڪرڻ سان خدا ڏانهن سچار بڻجڻ جي باري ۾ موسيٰ بيشڪ اهو لکيو آهي تہ ”شريعت جي حڪمن تي عمل ڪرڻ سان ماڻهو جيئرو رهندو.“


جيڪو خداوند عيسيٰ سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا خداوند! اچ.


هائو، جيڪڏهن اها ڏوهاري بڻائڻ واري خدمت ايڏي جلوي واري هئي، تہ پوءِ جنهن خدمت جي ڪري ماڻهو سچار ٿا بڻايا وڃن سا ضرور انهيءَ کان بہ وڌيڪ جلوي واري هوندي.


اهو ئي سبب آهي جو جيڪي بہ خدا ڏانهن سچار بڻجڻ لاءِ شريعت تي عمل ڪرڻ تي ڀروسو ڪن ٿا، سي سڀيئي لعنت هيٺ اچن ٿا، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪي ڳالهيون شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل آهن، تن سڀني تي عمل ڪرڻ ۾ جيڪو قائم نہ ٿو رهي، سو لعنتي آهي.“


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو تراشي يا پلٽي هٿرادو مورتي جوڙي ٿو، جنهن کان خدا کي نفرت آهي ۽ پوءِ هو انهيءَ کي پوڄا لاءِ ڪنهن لڪل جاءِ تي ٿو رکي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون ’آمين.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ