Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 27:24 - Muslim Sindhi Bible

24 ’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو پنهنجي پاڙيسريءَ کي لڪي قتل ڪري.‘ پوءِ سڀ ماڻهو چون ’آمين.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 جيڪو ماڻهو پنهنجي پاڙيسريءَ کي لڪي ڌڪ هڻي سو ملعون آهي. ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 27:24
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ ابي‌سلوم پنهنجي نوڪرن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”هاڻي نظر رکجو تہ جڏهن امنون مئي پي مست ٿئي ۽ آءٌ اوهان کي چوان تہ امنون کي ماريو، تڏهن اوهين انهيءَ کي قتل ڪري ڇڏجو، ڊڄجو نہ. آءٌ پاڻ اوهان کي اهو حڪم ڏيان ٿو. سو همت وارا ۽ بهادر ٿجو.“


جڏهن ابنير حبرون ۾ موٽي آيو، تڏهن يوآب ساڻس اڪيلائيءَ ۾ ڳالهائڻ جي بهاني کيس هڪ پاسي دروازي واري وچين حصي ۾ وٺي ويو ۽ اتي پنهنجي ڀاءُ عساهيل جي خون جي عيوض هن کي پيٽ ۾ خنجر هڻي ماري وڌائين.


تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن مون سان ڇا ڪيو، يعني بني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سپهہ‌سالارن ابنير ولد نير ۽ عماسا ولد يتر سان ڇا ڇا نہ ڪيائين. هن کين قتل ڪيو، صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين ۽ انهيءَ رت سان پنهنجو ڪمر پٽو ۽ پنهنجي جتي رڱيائين.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن ماڻهوءَ کي ماري وجھي تہ انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.


جيڪڏهن ڪو ڪنهن کي قتل ڪري تہ پوءِ انهيءَ قاتل کي شاهدن جي شاهديءَ تي ئي ماريو وڃي، پر انهيءَ لاءِ رڳو هڪڙي ئي شاهد جي شاهدي ڪافي ناهي.


انهيءَ قاتل کي ضرور ماريو وڃي، جيڪو واجب‌القتل هجي. اوهين کانئس جان جي عيوضي ۾ پئسا وٺي کيس ڇڏي نہ ڏجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ