Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 27:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پوءِ مذهبي اڳواڻ لاوي وڏي آواز سان بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي هيئن چون:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 ۽ لاوي ورندي ڏيئي وڏي آواز سان اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي چون تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 27:14
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هائو، اسان سڄي بني اسرائيل وارن تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي ۽ تنهنجي فرمانبرداريءَ جو انڪار ڪندي ڦري ٻئي پاسي ٿيا آهيون. تنهنڪري تنهنجي اها قسم واري لعنت اسان تي اچي پيئي آهي، جيڪا تنهنجي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي، ڇاڪاڻ تہ اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


جڏهن تہ لعنتن لاءِ اشاري طور باقي هي قبيلا عيبال جبل تي بيهن: روبن، جد، آشر، زبولون، دان ۽ نفتالي.


’لعنت هجي ان ماڻهوءَ تي جيڪو تراشي يا پلٽي هٿرادو مورتي جوڙي ٿو، جنهن کان خدا کي نفرت آهي ۽ پوءِ هو انهيءَ کي پوڄا لاءِ ڪنهن لڪل جاءِ تي ٿو رکي.‘ پوءِ سڀ ماڻهو ورندي ڏيئي چون ’آمين.‘


سڀ بني اسرائيل ڌارين سميت پنهنجن اڳواڻن، عملدارن ۽ ججن سان گڏ خداوند جي عهد واري صندوق جي ٻنهي پاسن کان انهيءَ صندوق جي کڻي هلندڙ لاوي ڪاهنن ڏانهن منهن ڪيو بيٺا هئا. ماڻهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا هئا ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون. خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي برڪت حاصل ڪرڻ جي وقت ائين ڪرڻ لاءِ اڳي ئي اهڙو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو.


تنهن کان پوءِ يشوع شريعت جون اهي سڀ ڳالهيون، برڪتون توڙي لعنتون، جيئن شريعت جي ڪتاب ۾ لکيل هيون تيئن پڙهي ٻڌايون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ