شريعت جو دور 27:13 - Muslim Sindhi Bible13 جڏهن تہ لعنتن لاءِ اشاري طور باقي هي قبيلا عيبال جبل تي بيهن: روبن، جد، آشر، زبولون، دان ۽ نفتالي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible13 ۽ روبن، جد، آشر، زبولون، دان ۽ نفتاليءَ جا قبيلا عيبال جبل تي بيهي ماڻهن کي لعنتون ٻڌائين. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
سڀ بني اسرائيل ڌارين سميت پنهنجن اڳواڻن، عملدارن ۽ ججن سان گڏ خداوند جي عهد واري صندوق جي ٻنهي پاسن کان انهيءَ صندوق جي کڻي هلندڙ لاوي ڪاهنن ڏانهن منهن ڪيو بيٺا هئا. ماڻهن مان اڌ جيترا گرزيم جبل جي سامهون بيٺا هئا ۽ اڌ جيترا عيبال جبل جي سامهون. خداوند جي ٻانهي موسيٰ بني اسرائيل کي برڪت حاصل ڪرڻ جي وقت ائين ڪرڻ لاءِ اڳي ئي اهڙو حڪم ڏيئي ڇڏيو هو.