Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 27:10 - Muslim Sindhi Bible

10 تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪجو ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 تون خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪج، ۽ جيڪي سندس حڪم ۽ قانون، آءٌ اڄوڪي ڏينهن توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 27:10
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

بني اسرائيل جي سڄي قوم لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”اوهين پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا پاڪ آهيان.


جيئن تہ ٻي هر ڪا قوم الڳ الڳ معبودن جي پوڄا ۽ فرمانبرداري ڪري ٿي، پر اسين هميشہ هميشہ تائين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا رهنداسين.


اي انسانؤ! خداوند تہ اوهان کي ٻڌائي ڇڏيو آهي تہ هو اسان کان ڇا ٿو چاهي. خداوند اسان کان هنن چڱين ڳالهين کان علاوہ ٻيو ڪجھہ نہ ٿو چاهي تہ اسين هڪٻئي سان انصاف ڪريون، رحمدليءَ کي بيحد عزيز ڄاڻون، ۽ پنهنجي خدا آڏو نماڻا ٿي رهون.


سو اوهين بہ ائين ئي ڪامل ٿيو جيئن اوهان جو آسمان وارو پيءُ ڪامل آهي.“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا سان پيار ڪريو ۽ هن جي فرمانن تي، قاعدن تي، قانونن تي ۽ سندس حڪمن تي هميشہ عمل ڪندا رهو.


اوهان اڄوڪي ڏينهن اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ خداوند ئي اوهان جو خدا آهي ۽ اوهين هن جي واٽن تي هلندا. اوهين هن جي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهندا ۽ سندس تابعداري ڪندا.


اڄوڪي ڏينهن خداوند بہ پنهنجي واعدي موجب اوهان سان اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ اوهين هن جي خاص قوم ۽ قيمتي اثاثو آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين هن جي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهو.


موسيٰ انهيءَ ساڳئي ڏينهن ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ


پوءِ موسيٰ ۽ لاوي ڪاهنن بني اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اي بني اسرائيل! ماٺ ڪري ٻڌو. اڄوڪي ڏينهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي قوم بڻجي ويا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ