Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 27:1 - Muslim Sindhi Bible

1 پوءِ موسيٰ بني اسرائيل جي اڳواڻن سان گڏجي ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو تہ ”جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن سڀني تي عمل ڪندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 پوءِ موسيٰ اسرائيل جي بزرگن سان گڏجي ماڻهن کي حڪم ڏيئي چيو، تہ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي سڀيئي مڃيندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 27:1
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري هاڻي آءٌ خداوند ۽ سندس قوم بني اسرائيل جي روبرو اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي سڀني حڪمن تي عمل ڪريو، تہ جيئن اوهين هن چڱي ملڪ جا وارث ٿيندا رهو ۽ پاڻ کان پوءِ پنهنجي اولاد واسطي اهو هميشہ لاءِ ميراث طور ڇڏي وڃو.“


تڏهن ئي اهي پنهنجو ڀروسو خدا تي رکندا، ۽ سندس ڪمن کي نہ وساريندا، بلڪ سندس حڪمن تي عمل ڪندا رهندا.


تنهن تي عيسيٰ چيو تہ ”انهيءَ جي باوجود وڌيڪ سڀاڳا اُهي آهن، جيڪي خدا جون ڳالهيون ٻڌن ٿا ۽ انهن تي عمل ٿا ڪن.“


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو.


هن ڪتاب ۾ اهي ڳالهيون بيان ڪيل آهن جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي ان وقت چيون، جڏهن اهي اردن درياءَ جي اوڀر طرف اردن ماٿريءَ ۾ سوف جي سامهون هئا ۽ انهن جي هڪ پاسي فاران شهر هو تہ ٻئي پاسي طوفل، لابن، حصيرات ۽ ديذهب شهر هئا.


پوءِ اوهين انهن قاعدن قانونن تي خبرداريءَ سان عمل ڪجو، جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو.“


”سو اڄوڪي ڏينهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي حڪم ٿو ڏئي تہ هنن قاعدن قانونن تي عمل ڪجو. تنهنڪري اوهين پنهنجي پوري دل وَ جان سان انهن کي مڃي مٿن عمل ڪجو.


هو پنهنجي تعريف، نالي ۽ عزت لاءِ انهن سڀني قومن تي اوهان کي برتري بخشيندو، جيڪي هن پيدا ڪيون آهن. اوهين خداوند پنهنجي خدا جي چونڊيل قوم هوندا، جيئن هن واعدو ڪيو آهي.“


جڏهن اوهين اردن درياءُ پار ڪري انهيءَ ملڪ ۾ داخل ٿيو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي ۽ جنهن جو خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن جي خدا اوهان سان واعدو ڪيو آهي، تڏهن عيبال جبل تي اوهين وڏا وڏا پٿر کوڙي انهن کي چوني سان ليپو ڏيئي ڇڏجو. انهن پٿرن تي اوهين هن شريعت جون سموريون ڳالهيون لکي ڇڏجو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم ۽ قاعدا قانون، جن جو هن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي سختيءَ سان عمل ڪندا رهجو.


ڇاڪاڻ تہ جيڪو شريعت جي رڳو هڪڙي حڪم جي ڀڃڪڙي ٿو ڪري، سو سڄي شريعت جي خلاف‌ورزي ڪري گنهگار قرار ڏنو وڃي ٿو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ