Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:8 - Muslim Sindhi Bible

8 خداوند پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان ڏهڪاءَ، هيبتناڪ ڪمن ۽ معجزن وسيلي اسان کي مصر مان ڪڍي ٻاهر آندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 ۽ خداوند اسان کي زوراور هٿ سان، ۽ ڊگهيريل ٻانهن سان، ۽ وڏيءَ هيبت سان، ۽ نشانن سان، ۽ معجزن سان مصر مان ٻاهر ڪڍي آندو:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:8
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بني اسرائيل رعمسيس شهر کان سُڪات ڏانهن پيادل سفر ڪيو. انهن ۾ عورتن ۽ ٻارن کان سواءِ رڳو مردن جو تعداد ڇهہ لک هو.


انهن چار سؤ ٽيهن سالن گذرڻ کان پوءِ انهيءَ ساڳئي ڏينهن تي خداوند جي قوم جا سڀ قبيلا مصر جي ملڪ مان نڪري ٻاهر ٿيا.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن خداوند بني اسرائيل جي سموري قوم کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو.


پوءِ موسيٰ ماڻهن کي چيو تہ ”هن ڏينهن کي ياد رکجو. هن ئي ڏينهن اوهين مصر کان ٻاهر آيا، انهيءَ جاءِ کان جتي اوهين غلام هئا. هي اهو ئي ڏينهن آهي جڏهن خداوند پنهنجي زبردست قدرت سان اوهان کي اتان ٻاهر ڪڍي آيو. سو هن ڏينهن ڪابہ خميري ماني کائڻ ۾ نہ اچي.


تنهنڪري تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’آءٌ خداوند آهيان. آءٌ اوهان کي مصرين جي بار کان ڇڏائيندس ۽ سندن غلاميءَ کان آزاد ڪندس. آءٌ پنهنجو زورآور هٿ وڌائي هنن کي سخت سزائون ڏيئي اوهان کي هنن کان ڇڏائيندس.


هائو، ڪٿي آهي اهو خداوند، جنهن جي جلالي قدرت موسيٰ سان گڏ هلندي رهي، ۽ جنهن پنهنجو نالو هميشہ قائم رکڻ لاءِ سندن اڳيان سمنڊ جي پاڻيءَ کي چيري ٻہ اڌ ڪيو؟


تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان معجزن ۽ هيبتناڪ ڪمن جي وسيلي وڏي دٻدٻي سان مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.


ٻئي ڪنهن بہ نبيءَ اهڙا عجيب ڪم ۽ معجزا ڪين ڏيکاريا، جيڪي مصر جي ملڪ ۾ فرعون، سندس عملدارن ۽ سڄي ملڪ کي ڏيکارڻ لاءِ موسيٰ کي خداوند مصر جي ملڪ ۾ موڪليو.


ٻيو ڪوبہ نبي ڪڏهن ائين ڪري نہ سگھيو جيئن موسيٰ سڄي بني اسرائيل جي اڳيان زورآور هٿ سان وڏا هيبتناڪ ڪم ڪري ڏيکاريا.


ڇا ڪڏهن ڪو معبود ڪنهن قوم کي پنهنجو بڻائڻ واسطي هڪڙي ٻيءَ قوم جي وچ مان ڪڍي آيو آهي، جهڙيءَ طرح خداوند اوهان جي خدا اوهان جي اکين اڳيان پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان مصر ۾ اوهان کي پنهنجو بڻائڻ واسطي ائين ڪري ڏيکاريو آهي؟ هن آزمائشن، عجيب ڪمن ۽ معجزن جي وسيلي جنگين ۽ وڏن هيبتناڪ ڪمن سان اهڙي قدرت ڏيکاري آهي.


ياد رکو تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ غلام هئا ۽ مون خداوند اوهان جي خدا پنهنجي زورآور هٿ ۽ وڏيءَ قدرت سان اوهان کي اتان ڪڍي ٻاهر آندو. تنهنڪري مون خداوند اوهان جي خدا سبت جي ڏينهن کي ملهائڻ لاءِ اوهان کي حڪم ڏنو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ