Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:3 - Muslim Sindhi Bible

3 انهن ڏينهن ۾ اتي جيڪو ڪاهن هجي تنهن کي وڃي چئجو تہ ’اڄ آءٌ خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ اقرار ٿو ڪريان تہ آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ پهچي ويو آهيان، جنهن لاءِ خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي اسان کي ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ جيڪو انهن ڏينهن ۾ ڪاهن هجي، تنهن وٽ وڃي چئجانس، تہ آءٌ اڄ خداوند تنهنجي خدا جي حضور ۾ اقرار ٿو ڪريان، تہ جيڪو ملڪ اسان کي ڏيڻ لاءِ خداوند اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو، تنهن ۾ آءٌ آيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:3
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين هميشہ لاءِ ڏيندس، جنهن ۾ هاڻي تون پرديسي آهين. ڪنعان جو سڄو ملڪ هميشہ لاءِ تنهنجي اولاد جو رهندو ۽ آءٌ ئي انهن جو خدا هوندس.“


تون انهيءَ ئي ملڪ ۾ پرديسي ٿي رهہ. آءٌ تو سان هوندس ۽ تو کي برڪت ڏيندس. آءٌ هي سمورو ملڪ تو کي ۽ تنهنجي اولاد کي ڏيندس. جيڪو قسم مون تنهنجي پيءُ ابراهيم سان کنيو هو سو پورو ڪندس.


ياد رکو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. انهيءَ بابت مون خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندس. سو اوهين وڃي انهيءَ ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.‘“


تہ اهي ٻئي ماڻهو جن جي وچ ۾ جھڳڙو هجي، سي خداوند جي حضور ۾ ڪاهنن ۽ انهن ڏينهن ۾ جيڪي جج مقرر هجن، تن جي اڳيان اچي حاضر ٿين.


تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهيءَ هنڌ کڻي وڃجو جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي.


جڏهن ڪاهن اوهان جي هٿن مان اها ٽوڪري وٺي خداوند اوهان جي خدا جي قربان‌گاهہ آڏو رکي،


هو اسان جو اهڙو عظيم ڪاهن آهي، جيڪو خدا جي گھراڻي جو مختيار آهي.


تنهنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي خدا آڏو سدائين سندس واکاڻ جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.


سو اهڙي ئي سردار ڪاهن جي اسان کي گھرج هئي جيڪو پاڪ، بي‌ڏوهہ، بي‌عيب، گنهگارن کان ڌار ۽ مٿي عرش عظيم تائين بلند ڪيو ويو هجي.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ