Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:18 - Muslim Sindhi Bible

18 اڄوڪي ڏينهن خداوند بہ پنهنجي واعدي موجب اوهان سان اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ اوهين هن جي خاص قوم ۽ قيمتي اثاثو آهيو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين هن جي سڀني حڪمن تي عمل ڪندا رهو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ خداوند بہ اڄوڪي ڏينهن توسان اقرار ڪيو آهي تہ تون هن جي خاص اُمت آهين، ۽ جيئن ڪ هن توسان واعدو ڪيو آهي تون بہ هن جا سڀ حڪم مڃيندو رهج؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:18
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو پنهنجي قوم بني اسرائيل کي هميشہ جي واسطي پنهنجي قوم بڻايو ۽ تون، اي خداوند! انهن جو خدا بڻيو آهين.


پوءِ جڏهن آءٌ تنهنجي حڪمن تي ڌيان سان عمل ڪندس، تڏهن آءٌ ڪڏهن بہ شرمندو ڪين ٿيندس.


بيشڪ خداوند بني يعقوب کي پنهنجي واسطي، هائو، بني اسرائيل کي پنهنجي خاص ملڪيت ٿيڻ لاءِ چونڊي ورتو آهي.


آءٌ اوهان کي پنهنجي قوم بڻائيندس ۽ اوهان جو خدا ٿيندس. جڏهن مون اوهان کي مصرين جي غلاميءَ مان ڇڏايو تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


جيئن پوتڙو ماڻهوءَ جي چيلهہ سان ٻڌل هوندو آهي، تيئن مون بہ اسرائيل ۽ يهوداہ وارن کي پاڻ سان ٻڌو هو تہ جيئن هو منهنجي ئي قوم رهندي منهنجي نالو جي واکاڻ ڪن ۽ منهنجي عظمت ظاهر ڪن. پر هنن ان پاسي ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو.“


اوهين منهنجي لاءِ پاڪ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند پاڪ آهيان. مون اوهان کي ٻين قومن مان چونڊي ڌار ڪيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ اوهين منهنجا ٿيو.


ڏسو، انهيءَ وقت آءٌ اوهان کي غير قومن منجھان موٽائي پنهنجي پنهنجي گھر آڻيندس ۽ اوهان کي گڏ ڪندس. آءٌ اوهان کي ٻيهر خوشحال ڪندس ۽ اوهين عزت ۽ تعريف جوڳا ٿي ويندا، بلڪ اوهين سڄيءَ دنيا ۾ مشهور ٿي ويندا. اهو سڀ ڪجھہ اوهان جي اکين اڳيان ٿيندو.“ اهو خداوند جو فرمان آهي.


ڇاڪاڻ تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. خداوند ڌرتيءَ جي سڀني قومن مان اوهان کي پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.“


تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪجو ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪجو.“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پوريءَ طرح خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪندا ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي خبرداريءَ سان عمل ڪندا، تہ خداوند اوهان کي دنيا جي ٻين سڀني قومن کان وڌيڪ سربلند ڪندو.


جيڪڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ سندس واٽ تي هلندا تہ خداوند اوهان کي پنهنجي ئي قوم طور قائم رکندو، جيئن هن اوهان سان قسم کڻي واعدو ڪيو آهي.


۽ انهيءَ لاءِ بہ تہ هو اڄوڪي ڏينهن اوهان جو سندس قوم هئڻ جي تصديق ڪري ۽ اوهان جو خدا ٿئي، جيئن هن اوهان کي چيو هو ۽ جيئن اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کنيو هئائين.


پر خداوند اوهان کي چونڊي ڪڍيو ۽ لوهہ جي کُوري يعني مصر مان ڪڍي اوهان کي ٻاهر آندو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين سندس ميراث واري قوم هجو، جيئن اڄ آهيو.


اوهين خداوند پنهنجي خدا جا چونڊيل آهيو. هائو، هن اوهان کي دنيا جي سڀني قومن مان پنهنجي خاص قوم ٿيڻ لاءِ چونڊي ڪڍيو آهي.


هن اسان جي خاطر پنهنجي جان ڏيئي ڇڏي، انهيءَ لاءِ تہ ان جي عيوض اسان کي هر طرح جي بڇڙائيءَ کان ڇڏائي ۽ پاڪ ڪري پنهنجي لاءِ هڪ اهڙي خاص قوم بڻائي، جيڪا نيڪ ڪم ڪرڻ ۾ سرگرم هجي.


پر اوهين هڪڙو چونڊيل نسل، الاهي ڪاهنن جي جماعت، مخصوص قوم ۽ خدا جا اهڙا چونڊيل ماڻهو آهيو، جيڪي سندس خاص ملڪيت آهن. اوهين انهيءَ لاءِ چونڊيا ويا آهيو تہ خدا جي خوبين جو اظهار ڪريو، جنهن اوهان کي اونداهيءَ مان پنهنجي عجيب روشنيءَ ڏانهن سڏيو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ