Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:17 - Muslim Sindhi Bible

17 اوهان اڄوڪي ڏينهن اعلانيہ اقرار ڪيو آهي تہ خداوند ئي اوهان جو خدا آهي ۽ اوهين هن جي واٽن تي هلندا. اوهين هن جي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهندا ۽ سندس تابعداري ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

17 تو اڄوڪي ڏينهن اقرار ڪيو آهي تہ خداوند ئي تنهنجو خدا آهي، ۽ تون هن جي واٽن تي هلندين، ۽ هن جو آواز ٻڌندين، ۽ هن جي قانونن کي، ۽ هن جي حڪمن کي، ۽ هن جي فيصلن کي مڃيندو رهندين:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:17
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ جيڪڏهن آءٌ صحيح سلامت موٽي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ ايندس، تہ پوءِ تون خداوند منهنجو خدا ٿيندين.


پوءِ بادشاهہ پنهنجي جاءِ تي بيهي خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد ڪيو تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي دل وَ جان سان مڃينداسين، يعني جيڪي عهد واريون ڳالهيون هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“


”خدا هميشہ هميشہ تائين اسان جو خدا آهي، اهو ئي دنيا جي آخر تائين اسان جو هادي رهندو.“


منهنجي طاقت ۽ راڳ خداوند آهي، هو ئي منهنجو بچائيندڙ آهي. آءٌ سندس تعريف ڪندس، جو هو ئي منهنجو خدا آهي، بلڪ منهنجي پيءُ جو بہ اهو ئي خدا آهي، آءٌ سندس واکاڻ ڳائيندس.


تنهن تي سڀني ماڻهن گڏجي ورندي ڏني تہ ”جيڪي خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين.“ موسيٰ ماڻهن جو اهو جواب خداوند کي ٻڌائڻ ويو.


هنن موسيٰ کي چيو تہ ”توهين اسان سان ڳالهايو تہ اسين ٻڌون، پر خدا اسان سان نہ ڳالهائي، متان اسين مري وڃون.“


پوءِ هن عهدنامي وارو ڪتاب کڻي ماڻهن کي پڙهي ٻڌايو. انهن چيو تہ ”جيڪي بہ خداوند فرمايو آهي سو سڀ اسين ڪنداسين ۽ تابعدار رهنداسين.“


بيشڪ اي خداوند! تو ئي مون کي بچايو آهي. منهنجي توڪل تو تي ئي آهي، سو مون کي ڪو ڊپ ڪونهي. اي خداوند! تون ئي تہ منهنجي طاقت ۽ منهنجو راڳ آهين. هائو، تون ئي منهنجو بچائيندڙ آهين.“


انهن مان ڪي پنهنجي سڃاڻپ ظاهر ڪندي چوندا تہ ’اسين خداوند جا آهيون،‘ ڪي چوندا تہ ’اسين بني اسرائيل جا آهيون.‘ جڏهن تہ ڪي پنهنجي پنهنجي هٿ تي لکندا ’خداوند جو،‘ ۽ پاڻ کي فخر سان منهنجي قوم بني اسرائيل جو سڏائيندا.“


آءٌ انهيءَ ٽئين حصي کي پاڪ صاف ڪندس، هائو، کين سون ۽ چانديءَ وانگر باهہ ۾ تپائي صاف ڪندس. پوءِ هو منهنجو نالو وٺي پڪاريندا ۽ آءٌ کين ورندي ڏيندس. هو چوندا تہ ’خداوند ئي اسان جو خدا آهي،‘ ۽ آءٌ چوندس تہ ’هيءَ منهنجي قوم آهي.‘“


ڏسو، جنهن خدا جو آءٌ ٻانهو آهيان ۽ جنهن جي آءٌ عبادت ٿو ڪريان، تنهن جو ملائڪ رات منهنجي ڀرسان ظاهر ٿيو


پنهنجي جسم جي عضون کي گناهہ جي حوالي نہ ڪريو، متان اهي بڇڙائيءَ جا هٿيار ٿين. پر پاڻ کي مئلن مان جيئرو سمجھي خدا جي حوالي ڪريو تہ جيئن اوهان جي جسم جا عضوا سچائيءَ جا هٿيار ٿين.


سو انهن پاڻ کي پهريائين خداوند عيسيٰ جي حوالي ۽ پوءِ خدا جي مرضيءَ سان اسان جي حوالي ڪندي نہ رڳو ڏنو، بلڪ اسان جي اميد کان بہ وڌيڪ ڏنو.


اهو تڏهن ٿيندو، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ مڃيندا ۽ سندس جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪندا ۽ اهو ئي ڪجھہ ڪندا جيڪو خداوند اوهان جي خدا جي نظر ۾ چڱو آهي.“


پر شرط هي آهي تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌو ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو.


تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪجو ۽ سندس جيڪي حڪم ۽ قانون آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪجو.“


اوهين هتي انهيءَ لاءِ بيٺا آهيو تہ جيئن خداوند اوهان جو خدا اڄوڪي ڏينهن اوهان سان جيڪو عهد ڪري ٿو ۽ قسم کڻي ٿو، تنهن ۾ اوهين شامل ٿيو


آءٌ اڄ اوهان کي حڪم ڏيان ٿو تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪريو، سندس واٽن تي هلو، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي عمل ڪندا رهو، پوءِ اوهين جيئرا رهندا، وڌندا ويندا ۽ جنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تنهن ۾ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي برڪت ڏيندو.


پر خبرداريءَ سان شريعت جي انهن حڪمن تي عمل ڪجو جن جو خداوند جي ٻانهي موسيٰ اوهان کي حڪم ڏنو هو، يعني تہ خداوند پنهنجي خدا سان محبت رکجو، هن جي سڀني راهن تي هلجو، سندس حڪمن جي تعميل ڪجو، ساڻس چهٽيل رهجو ۽ دل وَ جان سان سندس عبادت ڪجو.“


تڏهن يشوع کين چيو تہ ”اوهين پنهنجي مٿان انهيءَ ڳالهہ جا پاڻ شاهد آهيو تہ اوهان خداوند جي عبادت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.“ هنن وراڻيو تہ ”هائو، اسين شاهد آهيون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ