Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تون پنهنجي پاڪ مڪان، يعني عرش عظيم تان هيٺ نگاهہ ڪر ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ۽ هن ملڪ کي برڪت عطا ڪر، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ جيڪو تو اسان کي ڏيڻ لاءِ اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

15 تون پنهنجي پاڪ مڪان يعني آسمان مان هيٺ نگاهہ ڪر، ۽ پنهنجيءَ اُمت بني اسرائيل کي، ۽ هن ملڪ کي برڪت ڏي، جنهن ۾ کير ۽ ماکي پيئي وهي، ۽ جو ملڪ اسان کي ڏيڻ لاءِ تو اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:15
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر اي خدا! ڇا تون سچ پچ زمين تي رهندين؟ تون تہ آسمانن بلڪ عرش عظيم ۾ بہ سمائجي نہ ٿو سگھين، تہ پوءِ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي تنهن ۾ ڀلا تون ڪيئن سمائجي سگھندين؟


تڏهن تون پنهنجي عرش عظيم مان هن جي ٻڌج. اهو ماڻهو تو کي جهڙو عرض ڪري سو سندس پورو ڪج، تہ جيئن ڌرتيءَ جون سڀ قومون تنهنجي قوم بني اسرائيل وانگر تو کي سڃاڻن ۽ تنهنجو خوف رکن. پوءِ انهن کي خبر پوندي تہ هي گھر جيڪو مون جوڙايو آهي سو تنهنجي ئي نالي آهي.


تنهن کان پوءِ ڪاهنن ۽ لاوين اُٿي بيهي ماڻهن لاءِ دعا گھري. سندن دعا خدا جي عرش عظيم تائين وڃي پهتي ۽ خدا انهن جي دعا قبول ڪئي.


اي خداوند! پنهنجي قوم کي بچاءِ، هائو، پنهنجي انهيءَ ميراث کي برڪت عطا ڪر. تون انهن جو رکوالو ٿيءُ ۽ کين سدائين سنڀالي رک.


اي خدا! پنهنجي ڪرم سان صيئون کي خوشحال ڪر، ۽ سندس ڪوٽ کي نئين سر تعمير ڪر.


خدا، جيڪو پنهنجيءَ پاڪ جاءِ اندر رهي ٿو، سو يتيمن جو پيءُ ۽ رنن‌زالن جو ڀرجھلو آهي.


اي قادرِمطلق خدا! اسان کي اچي بچاءِ. اسين تو کي عرض ٿا ڪريون تہ عرش عظيم تان هيٺ نهاري ڏس، ۽ اسين جيڪي انگورن جي ول مثل آهيون، تن تي پنهنجي مهر جي نظر ڪر.


هائو، انهيءَ ول تي پنهنجو رحم ڪر، جيڪا تنهنجي زورآور هٿ لڳائي آهي. يعني پنهنجي انهيءَ قوم تي ٻاجھہ ڪر، جنهن کي تو پنهنجي لاءِ وڌائي مضبوط ڪيو آهي.


اي خداوند اسان جا خدا! شل تنهنجي ٻاجھہ جي ڇانوَ اسان تي هجي! تون اسان جي هٿن جي ڪم کي اسان لاءِ ڪاميابي بڻاءِ. هائو، شل اسان جون ڪوششون اسان لاءِ ڪاميابيءَ جو سبب بڻجن!


آءٌ ئي عظيم ۽ سربلند خدا آهيان، جيڪو سدائين قائم وَ دائم آهيان، ۽ منهنجو نالو پاڪ آهي. جيتوڻيڪ آءٌ عرش عظيم تي پاڪ جاءِ ۾ رهان ٿو، تڏهن بہ آءٌ شڪستہ دل ۽ نماڻن سان گڏ آهيان، انهيءَ لاءِ تہ نماڻن جي روح کي ۽ شڪستہ دلين کي وري تازو توانو ڪريان.


خداوند خدا مون کي پنهنجي روح سان ڀري ڇڏيو آهي. هن مون کي مخصوص ڪيو آهي تہ آءٌ وڃي مسڪينن کي خوشخبري ٻڌايان. هائو، هن مون کي موڪليو آهي تہ آءٌ دلشڪستن جي دلجوئي ڪريان، ۽ قيدين کي آزاديءَ جي ۽ باندين کي سندن بند کلڻ جي بشارت ڏيان.


اي خداوند! عرش عظيم تان اسان تي نگاهہ ڪر. هائو، پنهنجي پاڪ ۽ عظمت واري جاءِ مان ڏس. اسان لاءِ تنهنجي غيرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي قدرت ڪٿي آهي؟ تنهنجي دلي محبت ۽ شفقت ڪٿي آهي؟ انهن کي تو اسان کان ڇو روڪي رکيو آهي؟


قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ”جڏهن آءٌ اوهان جي خوشحالي بحال ڪندس، تڏهن ماڻهو يهوداہ جي شهرن بلڪ سڄي ملڪ ۾ وري هيئن چوندا تہ ’اي پاڪ جبل صيئون! جيڪو سچائيءَ سان ڀرپور آهين، شل خداوند تو کي برڪتون عطا ڪندو رهي.‘


اي بني آدم! خداوند اسان وٽ اچڻ لاءِ پنهنجي عرش عظيم تان اٿيو آهي. سو اوهين سندس حضور ۾ ماٺ رهو.


تہ پوءِ هن ريت دعا گھرو تہ ’اي اسان جا بابا! تون جيڪو آسمان تي آهين، شل تنهنجو نالو پاڪ مڃيو وڃي،


ياد رکو، مون اهو ملڪ اوهان جي اڳيان رکيو آهي. انهيءَ بابت مون خداوند اوهان جي ابن ڏاڏن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان قسم کڻي واعدو ڪيو هو تہ اهو ملڪ انهن کي ۽ انهن کان پوءِ سندن اولاد کي ڏيندس. سو اوهين وڃي انهيءَ ملڪ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.‘“


مون پنهنجي سوڳ جي وقت انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کاڌو، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهيءَ مان ڪجھہ ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهيءَ مان ڪجھہ ڏنو اٿم. مون تو خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪئي آهي. تو جيڪي بہ حڪم ڏنا آهن، مون تن موجب ڪيو آهي.


تڏهن اسان خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي حضور ۾ دانهون ڪيون. خداوند اسان جو آواز ٻڌو ۽ اسان جي مصيبت، محنت ۽ مظلومي ڏٺائين.


هن اسان کي هن جاءِ تي آندو آهي ۽ اسان کي آسودو ۽ خوشحال ملڪ عطا ڪيو اٿائين.


تنهنڪري اي بني اسرائيل! ٻڌو ۽ خبرداريءَ سان انهن تي عمل ڪريو، انهيءَ لاءِ تہ اوهان جو ڀلو ٿئي ۽ اوهين خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي واعدي موجب، انهيءَ ملڪ ۾ وڌندا وڃو، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ