Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:14 - Muslim Sindhi Bible

14 مون پنهنجي سوڳ جي وقت انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کاڌو، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهيءَ مان ڪجھہ ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهيءَ مان ڪجھہ ڏنو اٿم. مون تو خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪئي آهي. تو جيڪي بہ حڪم ڏنا آهن، مون تن موجب ڪيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 مون پنهنجي ماتم جي وقت انهن مان ڪي بہ نہ کاڌو آهي، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهن مان ڪي ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهن مان ڪي ڏنو اٿم: مون خداوند پنهنجي خدا جو آواز ٻڌو آهي، ۽ جيڪي بہ حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب ڪيو اٿم.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:14
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ هنن هيئن بہ ڪيو جو وڃي پعور جبل واري بعل ديوتا جي پوڄا ڪرڻ لڳا، ۽ بي‌جان بتن جون قربانيون کائڻ لڳا.


انهيءَ ڪري جو مون هن جا سڀ قاعدا قانون پنهنجي اڳيان رکيا، ۽ انهن کان ڪڏهن بہ پاسيرو نہ ٿيس.


سوڳوارن کي سندن مئلن جي تسليءَ واسطي ڪوبہ ويلو نہ کارائيندو، نہ وري سندن پيءُ ماءُ جي غم ۾ ڪو تسلي ڏيندي کين پاڻيءَ ڍڪ ئي پيئاريندو.


مئل جي لاءِ آهستگيءَ سان پيو آهون ڀرجانءِ، روڄ راڙو نہ ڪجانءِ، نڪي پنهنجي مٿي تان پٽڪو يا وري پيرن مان جتي لاهي ڇڏجانءِ، نڪي ڏک ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي چهري کي ڍڪجانءِ ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي کاڌي مان ڪجھہ کائجانءِ.“


اوهين ڌارين ملڪن ۾ هئڻ ڪري خداوند کي راضي ڪرڻ لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ قربانيون پيش ڪري نہ سگھندا. هائو، اوهين مئي جون قربانيون نہ اوتي سگھندا، نڪي وري جانورن جون قربانيون پيش ڪري سگھندا. اتي پيش ڪيل اوهان جون سڀيئي قربانيون پليت هونديون، جيئن اهو کاڌو پليت ٿي پوندو آهي، جنهن کاڌي کي ميت کي غسل ڏيڻ واري ڇهيو هجي. جيڪي بہ اهي قربانيون کائيندا سي سڀيئي پليت ٿي پوندا، اهو کاڌو رڳو اوهان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو.


خداوند موسيٰ کي هارون جي پٽن، جيڪي ڪاهن آهن، تن لاءِ هي حڪم ڏنو تہ ”جڏهن اوهان جي قوم ۾ ڪو مري وڃي تہ انهيءَ جي ڪفن دفن ڪرڻ لاءِ ڪوبہ ڪاهن پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.


۽ نہ وري مُڙدي جي ويجھو وڃي. ايتري قدر جو پنهنجي پيءُ يا ماءُ جي لاءِ بہ پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪري.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو مون خداوند جي لاءِ پيش ڪيل سلامتيءَ جي قربانيءَ جو گوشت ناپاڪيءَ جي حالت ۾ کائيندو تہ انهيءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.


ٻي ڳالهہ اوهين هيءَ بہ ٿا ڪريو جو قربان‌گاهہ وٽ ڏاڍو روئو رڙو ٿا ۽ آهون دانهون ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي نذرانن جو لحاظ نہ ٿو ڪري ۽ نہ ئي وري هو انهن مان راضي ٿو ٿئي.


انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.


پر شرط هي آهي تہ اوهين خداوند پنهنجي خدا جي ڳالهہ ڌيان سان ٻڌو ۽ جيڪي حڪم آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو، تن سڀني تي خبرداريءَ سان عمل ڪريو.


انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي هيئن چئجو تہ ’جيڪي حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب مون مخصوص ڏهون حصو پنهنجي گھر مان ڪڍي اهو پاڻ وٽ رهندڙ لاوين، ڌارين، يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ڏنو آهي. مون تنهنجي ڪنهن بہ حڪم کان منهن نہ موڙيو آهي، نڪي اهي وساري ڇڏيا اٿم.


تون پنهنجي پاڪ مڪان، يعني عرش عظيم تان هيٺ نگاهہ ڪر ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل کي ۽ هن ملڪ کي برڪت عطا ڪر، جيڪو آسودو ۽ خوشحال آهي ۽ جيڪو تو اسان کي ڏيڻ لاءِ اسان جي ابن ڏاڏن سان قسم کنيو هو.‘“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ