Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:11 - Muslim Sindhi Bible

11 پوءِ اوهين، لاوي ۽ جيڪو ڌاريو اوهان جي وچ ۾ رهندو هجي، سي سڀيئي گڏجي انهن نعمتن لاءِ خوشيون ملهائجو جيڪي خداوند اوهان جي خدا اوهان کي ۽ اوهان جي گھراڻي کي عطا ڪيون آهن.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 پوءِ تون، ۽ لاوي، ۽ جيڪو پرديسي اوهان جي وچ ۾ رهندو هجي، سي سڀيئي گڏجي، جيڪي نعمتون خداوند تنهنجي خدا توکي ڏنيون آهن، تن جي ڪري خوشيون ڪجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:11
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ وڃي سڻڀا طعام کائو ۽ شربت پيئو. انهن ڏانهن بہ ڪجھہ ڏياري موڪليو جن وٽ ڪجھہ بہ تيار ڪرڻ لاءِ نہ هجي. اڄوڪو ڏينهن اسان جي خداوند جي لاءِ مخصوص آهي. سو غمگين نہ ٿيو، ڇاڪاڻ تہ خداوند جي خوشي اوهان جي قوت آهي.“


تنهنڪري مون ڄاڻي ورتو آهي تہ انهيءَ کان وڌيڪ بهتر ڳالهہ انسان جي وس ۾ ناهي جو هو پنهنجي پوري حياتي رڳو خوش رهي ۽ زندگيءَ جا مزا ماڻيندو رهي.


اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ هر ڪو ماڻهو کائي پيئي ۽ پنهنجي محنت جو ڦل پاڻ حاصل ڪري. اها ئي خدا جي طرفان اسان لاءِ نعمت آهي.


ڏسو، مون ڄاڻي ورتو آهي تہ اهو ئي چڱو ۽ مناسب آهي جو ماڻهو کائي پيئي ۽ هن دنيا ۾ خدا جي عطا ڪيل حياتيءَ جي ڏينهن ۾ پنهنجي ڪيل محنت جو چڱو ڦل پاڻ ماڻي، ڇاڪاڻ تہ اهو ئي هن لاءِ مقرر آهي.


سک جي ڏينهن ۾ خوشيون ملهايو ۽ ڏک جي ڏينهن ۾ غور ڪري نصيحت حاصل ڪريو. خدا دنيا ۾ ڏک ۽ سک ٻئي مقرر ڪري ڇڏيا آهن، تنهنڪري ماڻهو معلوم ڪري نہ ٿا سگھن تہ مستقبل ۾ ڇا ٿيندو.


ڏسو، منهنجا عبادت‌گذار ٻانها دل جي خوشيءَ وچان گيت ڳائيندا، پر اوهين دل جي ڏک ڪري دانهون ڪندا، ۽ روح جي رنج ڪري واءِ‌ويلا مچائيندا.


هنن جا نوجوان ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون جھجھي اناج ۽ مئي سان پلي وڏا ٿيندا. هائو، اهي ڪيڏا نہ خوشحال ۽ صحتمند هوندا!“


جيڪڏهن اسان اوهان ۾ روحاني شيون پوکيون آهن، تہ پوءِ اها ڪا وڏي ڳالهہ آهي ڇا جو اوهان مان اسين دنياوي شيون لڻون؟


اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئرون، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهرن ۾ رهندا هجن، جن کي اوهان سان گڏ حصو يا ورثو نہ مليو آهي، سي سڀ گڏجي خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


بلڪ اوهين، اوهان جا پٽ، ڌيئر، ٻانها، ٻانهيون ۽ اهي لاوي بہ جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن، سي سڀ اهي شيون خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ انهيءَ جاءِ تي کائجو، جيڪا جاءِ خداوند اوهان جو خدا چونڊي. اوهين پنهنجي ڪيل ڪمن بابت خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ملهائجو.


اُتي ئي اوهين خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ کائجو ۽ پنهنجي هٿن جي سڄي ڪمائي، جنهن ۾ خداوند اوهان جي خدا برڪت وڌي هجي، تنهن لاءِ پنهنجن گھراڻن سميت اوهين خوشيون ڪجو.


انهيءَ ئي عبادت واري جاءِ تي اوهين پنهنجي پٽ، ڌيءَ، ٻانهي، ٻانهيءَ ۽ پنهنجي شهر ۾ رهندڙ لاويءَ، ڌارئي، يتيم ۽ رن‌زال سميت، خداوند پنهنجي خدا جي حضور ۾ خوشي ڪجو.


اوهين سلامتيءَ جون قربانيون ڪري اهي اُتي ئي کائجو ۽ خداوند جي حضور ۾ خوشيون ملهائجو.


جيئن تہ هر شيءِ جي گھڻائيءَ هوندي بہ اوهان خوشيءَ ۽ خوشدليءَ سان خداوند پنهنجي خدا جي تابعداري نہ ڪئي،


خداوند عيسيٰ ۾ اوهين هر وقت خوش رهو. آءٌ وري بہ چوان ٿو تہ خوش رهو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ