Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 26:1 - Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن ۾ جڏهن تون پهچين، ۽ انهي تي قبضو ڪري منجهس رهڻ لڳين؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 26:1
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو، جنهن ۾ آءٌ اوهان کي وٺي ٿو هلان


”تون بني اسرائيل کي چئُہ تہ ’جيڪو ملڪ آءٌ اوهان کي رهڻ لاءِ ڏيڻ وارو آهيان، تنهن ۾ پهچي اوهين هن ريت قربانيون ڪندا رهجو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”ٿي سگھي ٿو جو اوهان جي وچ ۾ ڪو نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ وارو ظاهر ٿئي ۽ اهو اوهان کي ڪابہ نشاني يا معجزو ٻڌائي.


پر اوهين انهيءَ کي ضرور موت جي سزا ڏجو. انهيءَ کي قتل ڪرڻ لاءِ پهريائين اوهان جو پنهنجو هٿ مٿس پوي ۽ پوءِ ٻين ماڻهن جو.


”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن اوهين پهچو ۽ انهيءَ تي قبضو ڪري منجھس رهڻ لڳو ۽ چئو تہ ’پنهنجي آس‌پاس وارين سڀني قومن وانگر اسين بہ پنهنجي مٿان ڪو بادشاهہ مقرر ڪريون،‘


”جڏهن اوهين انهيءَ ملڪ ۾ پهچو جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي، تڏهن اوهين انهن قومن وانگر ڪراهت جهڙا ڪم ڪرڻ نہ سکجو.


تنهنڪري جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان جي آس‌پاس وارن دشمنن کان اوهان کي آرام بخشي، تڏهن اوهين ڌرتيءَ تان عماليقين جو نالو نشان مِٽائي ڇڏجو. اها ڳالهہ اوهين وساري نہ ڇڏجو.“


تڏهن انهيءَ ملڪ جي زمين جي پيداوار مان پهريون ڦل هڪڙي ٽوڪريءَ ۾ رکي، انهيءَ هنڌ کڻي وڃجو جيڪو خداوند اوهان جو خدا پنهنجي نالي قائم رکڻ لاءِ چونڊي.


اوهان جي ڪري خداوند مون سان بہ ڪاوڙيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ’تون اردن درياءَ جي اولهہ طرف نہ ويندين ۽ نہ وري انهيءَ چڱي ملڪ ۾ داخل ٿيندين، جيڪو آءٌ خداوند سندن خدا کين ورثي طور ڏيندس.‘


پر تون هتي مون وٽ بيٺو رهہ. آءٌ تو کي اهي سڀ حڪم ۽ قاعدا قانون ٻڌائيندس جيڪي تون انهن کي سيکار، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ آءٌ انهن کي ورثي طور ڏيڻ وارو آهيان تنهن ۾ هو انهن تي عمل ڪن.‘


موسيٰ چيو تہ ”جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهيءَ ملڪ ۾ پهچائيندو، جنهن تي قبضو ڪرڻ لاءِ اوهين وڃو ٿا، تڏهن اتي جون ست قومون يعني حتي، جِرجاشي، اموري، ڪنعاني، فرزي، حِوي ۽ يبوسي، جيڪي اوهان کان وڏيون ۽ طاقت واريون آهن، تن کي اوهان جي اڳيان ڀڄائي ڪڍندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ