Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 25:5 - Muslim Sindhi Bible

5 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن ۽ انهن مان هڪڙو ري‌پٽيتو مري وڃي، تہ فوتيءَ جي زال ڪنهن ڌارئي ماڻهوءَ سان وڃي نہ پرڻجي، بلڪ سندس مڙس جو ڀاءُ وٽس وڃي ۽ کيس پنهنجي زال ڪري. ائين هو پنهنجي ڏير هئڻ جو فرض ادا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جڏهن ڪي ڀائر گڏ رهندا هجن، ۽ انهن مان هڪڙو مري وڃي، ۽ پٽ نہ هجيس، تہ انهي فوتيءَ جي زال ڌارئي ماڻهو سان نہ وڃي پرڻجي: سندس مڙس جو ڀاءُ انهيءَ وٽ وڃي، ۽ کيس پنهنجي زال ڪري، ۽ ساڻس ڏير جو حق ادا ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 25:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ وڏيءَ ڀيڻ پنهنجي ننڍيءَ ڀيڻ کي چيو تہ ”اسان جو پيءُ ٻڍو ٿيندو ٿو وڃي ۽ ڪو ٻيو مرد ڪونهي جيڪو اسان سان شادي ڪري ۽ اسان کي ٻار ٿين.


۽ چيائونس تہ ”اي استاد! موسيٰ شريعت ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي رن‌زال پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘


۽ چيائونس تہ ”اي استاد! اسان جي لاءِ موسيٰ شريعت ۾ فرمايو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪو ماڻهو زال ڇڏي بي‌اولاد مري وڃي تہ هن جو ڀاءُ ان جي رن‌زال پرڻجي، تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘


”اي استاد! موسيٰ اسان لاءِ شريعت ۾ لکيو آهي تہ ’جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو شادي ڪيل ڀاءُ بي‌اولاد مري وڃي، تہ سندس ڀاءُ هن جي زال پرڻجي تہ جيئن پنهنجي ڀاءُ لاءِ اولاد پيدا ڪري.‘


پر نعوميہ کين چيو تہ ”اي ڌيئرون، موٽي وڃو. مون سان گڏ هلڻ ڇو ٿيون گھرو؟ ڇا اوهين سمجھو ٿيون تہ آءٌ ڪي ٻيا پٽ ڄڻينديس، جيڪي اوهان سان پرڻبا؟


باقي رات هتي ترسي پئُہ. صبح جو جيڪڏهن انهيءَ تنهنجو عيوضو ڀريو تہ سٺو. جيڪڏهن نہ، تہ پوءِ آءٌ جيئري خداوند جو قسم کڻي ٿو چوان تہ آءٌ تنهنجو عيوضو ڀري تو تي هٿ رکندس. هاڻ صبح تائين هتي ئي ليٽي پئُہ.“


سو بوعز، جنهن جي نوڪرياڻين سان گڏجي تو ڪم پئي ڪيو آهي، سو ئي اسان جو ويجھو مائٽ آهي. جيئن تہ اڄ رات هو ڳاهہ واري پِڙ ۾ جَوَ وائرائيندو،


هن کانئس پڇيو تہ ”تون ڪير آهين؟“ تڏهن هن ورندي ڏنس تہ ”آءٌ توهان جي ٻانهي رُوت آهيان. جيئن تہ اسان جو عيوضو ڀرڻ جا ذميوار عزيز اوهين ئي آهيو، تنهنڪري مون تي پنهنجي چادر جو پلئُہ وجھو.“


تڏهن بوعز کيس چيو تہ ”جنهن ڏينهن تون اها ٻني نعوميہ کان خريد ڪري وٺندين، تنهن ڏينهن تو کي رُوت موآبڻ کي بہ وٺڻو پوندو، ڇاڪاڻ تہ هوءَ فوتيءَ جي زال آهي، انهيءَ لاءِ تہ فوتيءَ جو نالو سندس ميراث تي قائم رهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ