Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 25:2 - Muslim Sindhi Bible

2 جيڪڏهن اهو گنهگار ڦٽڪن کائڻ جي لائق هجي تہ انهيءَ کي زمين تي سمهاري، جج پنهنجي روبرو سندس گناهہ مطابق کيس ڳڻي ڦٽڪا هڻائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ جيڪڏهن اهو شرير سزا جو لائق هجي، تہ قاضي انهي کي پٽ تي سمهاري، ۽ پنهنجي روبرو انهيءَ شرارت موجب ڳڻي ڦٽڪا هڻائي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 25:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن مون انهن کي ڇينڀيو ۽ مٿن ڦٽ‌لعنت ڪيم. مون انهن مان ڪن ماڻهن کي مار بہ ڏني ۽ سندن وار بہ پٽيا. مون کانئن خدا جو قسم کڻائي واعدو ورتو تہ ”آئيندہ اسين پنهنجيون ڌيئرون ڌارين جي پٽن کي پرڻائي نہ ڏينداسون ۽ نہ وري اسين هنن جون ڌيئرون پنهنجن پٽن لاءِ يا پنهنجي پرڻي لاءِ وٺنداسون.


ڏاهپ تي ٺٺوليون ڪندڙن لاءِ سزا تيار آهي، ۽ بي‌وقوفن جي پٺيءَ لاءِ چهبڪ.


هوشيار ٿجو، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو اوهان کي گرفتار ڪري ڪورٽن ۾ وٺي ويندا ۽ پنهنجن عبادت‌خانن ۾ اوهان کي چهبڪ هڻندا.


پوءِ پلاطس برابا کي انهن جي خاطر آزاد ڪري ڇڏيو ۽ سپاهين کي حڪم ڏنائين تہ عيسيٰ کي ڪوڙا هڻي صليب تي چاڙهي ڪوڪا هڻنس.


تڏهن پولس هن کي چيو تہ ”خدا تو کي ئي ڌڪ هڻندو، اي اندر جا ڪارا! تون تہ منهنجو فيصلو شريعت موجب ڪرڻ ويٺو آهين. پوءِ ڇو شريعت جي خلاف مون کي مار ڏيارڻ جو حڪم ٿو ڏئين؟“


تنهن هوندي بہ هنن رسولن کي اندر گھرائي چهبڪ هڻايا ۽ کين سخت تاڪيد ڪري ڇڏي ڏنو تہ هو وري عيسيٰ جي نالي تي تعليم نہ ڏين.


ڏسو، جيڪڏهن اوهان غلط ڪم ڪري مار کاڌي ۽ صبر ڪيو تہ انهيءَ ۾ فخر جي ڪا ڳالهہ نہ آهي. پر جيڪڏهن اوهين چڱا ڪم ڪري تڪليف سهو ۽ صبر ڪريو ٿا تہ اها ڳالهہ خدا وٽ قبول پوندڙ آهي.


هو پاڻ اسان جا گناهہ پنهنجي بدن تي کڻي صليب تي چڙهيو، انهيءَ لاءِ تہ اسين گناهن جي لحاظ کان مري سچائيءَ جي لحاظ کان جيئرا رهون. ڏسو، هو مار کائي زخمي ٿيو، جنهن سان اوهين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ