Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 24:8 - Muslim Sindhi Bible

8 اوهين ڪوڙهہ جهڙي مرض يا چمڙيءَ جي ٻين بيمارين کان خبردار رهجو. لاوي ڪاهن جيڪي اوهان کي سيکارين، انهن سڀني ڳالهين تي ضرور عمل ڪجو. جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين ڌيان ڏيئي ڪندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 تون ڪوڙهہ جي بيماريءَ کان سنڀاليندو رهج، ۽ جيڪي لاوي ڪاهن اوهان کي سيکارين، انهي موجب خبرداريءَ سان عمل ڪج: جيئن مون انهن کي حڪم ڏنو آهي، تيئن اوهين خبرداريءَ سان ڪندا رهجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 24:8
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

نہ ئي وري لاوي قبيلي ۾ ڪاهنن جي ڪا کوٽ ٿيندي جيڪي هميشہ منهنجي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون، اناج جون قربانيون ۽ ٻيا نذرانا پيش ڪن.“


پوءِ جيڪڏهن اڃا بہ اهو ڪپڙي ۾ يا چم جي انهيءَ شيءِ ۾ وري ظاهر ٿئي، تہ اهو پکڙجڻ وارو سينور آهي. سو جنهن شيءِ ۾ اهو داغ هجي سا ساڙي ڇڏجي.


ڪاهن انهيءَ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيءَ مان ڪجھہ رت کڻي، پاڪ ٿيڻ واري ماڻهوءَ جي ساڄي ڪن جي پاپڙيءَ تي، ساڄي هٿ جي آڱوٺي تي ۽ ساڄي پير جي آڱوٺي تي لائي.


”جنهن ڏينهن چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض وارو ماڻهو پاڪ قرار ڏيڻو هجي تنهن ڏينهن سندس لاءِ هي قاعدو آهي، تہ اهو معاملو ڪاهن وٽ آندو وڃي.


انهيءَ قاعدي مان معلوم ٿيندو تہ انهن شين کي ڪڏهن پاڪ قرار ڏجي ۽ ڪڏهن ناپاڪ. سو چمڙيءَ جي وچڙندڙ مرض ۽ سينور بابت اهو ئي قاعدو آهي.“


پوءِ عيسيٰ هن کي چيو تہ ”ڏس، اها ڳالهہ ڪنهن کي نہ ٻڌائجانءِ. پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“


”متان ڪنهن کي ڪجھہ ٻڌايو اٿيئي، بلڪ سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ پوءِ موسيٰ جي شريعت موجب قرباني ڪج، تہ جيئن اها شاهدي ٿئي تہ تون ڇٽي پاڪ صاف ٿي پيو آهين.“


هنن کي ڏسي چيائين تہ ”وڃو ۽ ڪاهنن کي وڃي پاڻ ڏيکاريو.“ سو جيئن ئي هو وڃن پيا تہ رستي تي ويندي ويندي پاڪ صاف ٿي پيا.


پوءِ عيسيٰ کيس تاڪيد ڪندي چيو تہ ”اها ڳالهہ ڪنهن سان بہ نہ ڪجانءِ، پر سڌو وڃي ڪاهن کي پاڻ ڏيکار ۽ موسيٰ جي شريعت موجب پنهنجي پاڪ ٿيڻ لاءِ قرباني ڪر، تہ جيئن هر ڪنهن لاءِ شاهدي ٿئي تہ تون هاڻي ڇٽي پاڪ صاف ٿيو آهين.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ