Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 24:6 - Muslim Sindhi Bible

6 ڪوبہ ماڻهو سڄو جنڊ يا ان جو رڳو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي، ڇو تہ ائين ڪرڻ سان هو ڄڻ تہ ماڻهوءَ جي حياتي گروي ٿو رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ڪوبہ ماڻهو جنڊ، يا جنڊ جو مٿيون پُڙ گروي نہ رکي: ڇالاءِ جو هو ماڻهوءَ جي حياتيءَ جو آسرو گروي ٿو رکي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 24:6
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هاڻي جيڪڏهن آءٌ اوهان جي ٻانهي پنهنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ ڇوڪر اسان سان نہ هوندو تہ جڏهن منهنجو پيءُ، جنهن جو هن ڇوڪر ۾ ساهہ آهي، سو ڏسندو تہ ڇوڪر اسان سان ڪونهي تڏهن هو مري ويندو. پوءِ اسين توهان جا ٻانها پنهنجي پيرسن پيءُ اوهان جي ٻانهي کي انهيءَ غم ۾ قبر داخل ڪنداسون.


تو پنهنجي قوم وارن جون شيون بنا سبب گروي رکيون آهن، ايتري قدر جو ماڻهن جا ڪپڙا لاهي تو کين اگھاڙو ڪري ڇڏيو آهي.


يا جيڪڏهن ٻہ عورتون گڏ ويٺيون جنڊ پيهنديون هونديون تہ هڪڙي کنئي ويندي ۽ ٻيءَ کي ڇڏيو ويندو.


پوءِ هن سڀني کي چيو تہ ”خبردار ٿجو ۽ پاڻ کي هر طرح جي لالچ کان بچائجو، ڇاڪاڻ تہ ڌن ۽ دولت جي گھڻائي ماڻهوءَ جي حياتيءَ کي نہ ٿي سنواري.“


جڏهن اوهين ڪنهن شهر کي جنگ ڪري فتح ڪرڻ لاءِ گھڻي وقت تائين ان جو گھيرو ڪيو ويٺا هجو، تڏهن اوهين ڪهاڙيءَ سان انهيءَ جا وڻ وڍي نہ ڇڏجو، ڇو تہ انهن جو ميوو اوهان جي کائڻ جي ڪم ايندو. تنهنڪري انهن کي نہ وڍجو، ڇاڪاڻ تہ ميدان جا وڻ ڪي ماڻهو ڪين آهن جو اوهين انهن کي گھيرو ڪريو.


”جيڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ نئين شادي ڪئي هجي، تہ هو جنگ تي نہ وڃي، نڪي کيس ڪا ٻي ذميواري سونپي وڃي. هو هڪڙي سال تائين ڀلي گھر ۾ رهي پنهنجيءَ زال کي خوش رکي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي هم‌قوم بني اسرائيل مان ڪنهن کي اغوا ڪري پاڻ وٽ غلام بڻائي يا وڪڻي ڇڏيس ۽ پڪڙجي پوي، تہ انهيءَ اغوا ڪندڙ کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. اهڙيءَ طرح اوهين اها بڇڙائي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


اي وڏا شهر بابل! ستارَ، بانسري، توتاري توڙي ڳائڻ جو آواز وري تو ۾ ڪڏهن بہ ڪونہ ٻڌبو. ڪوبہ ڪاريگر، ڪهڙي بہ ڌنڌي وارو، وري تو ۾ ڪونہ لڀندو ۽ نہ وري ڪڏهن تو ۾ ڪنهن چڪيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ