Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 24:4 - Muslim Sindhi Bible

4 تہ پوءِ سندس پهريون مڙس جنهن ڪڍي ڇڏيو هئس، سو هن جي بي‌آبرو ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ بڻائي، ڇو تہ اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ نفرت جهڙو آهي. سو اوهين انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي اهڙو گناهہ ٿيڻ نہ ڏجو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 تہ سندس پهريون مڙس، جنهن ڪڍي ڇڏيو هوس، سو هن جي ناپاڪ ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ ڪري؛ ڇالاءِ جو اهڙو ڪم خداوند جي نظر ۾ مڪروهہ آهي: ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي ٿو، تنهن ۾ گناهہ ٿيڻ نہ ڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 24:4
6 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟


پر جن قومن جا شهر خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تن ۾ ڪوبہ ساهوارو جيئرو نہ ڇڏجو.


۽ اهو ٻيو مڙس بہ انهيءَ کان بيزار ٿي پوي ۽ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جيڪڏهن سندس اهو ٻيو مڙس مري وڃي،


اوهان جي ڪري خداوند مون سان بہ ڪاوڙيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ’تون اردن درياءَ جي اولهہ طرف نہ ويندين ۽ نہ وري انهيءَ چڱي ملڪ ۾ داخل ٿيندين، جيڪو آءٌ خداوند سندن خدا کين ورثي طور ڏيندس.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ