Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 24:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ۽ اهو ٻيو مڙس بہ انهيءَ کان بيزار ٿي پوي ۽ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جيڪڏهن سندس اهو ٻيو مڙس مري وڃي،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ جي هي ٻيو مڙس بہ انهيءَ مان بيزار ٿي پوي، تہ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جي هي ٻيو مڙس، جنهن هن سان شادي ڪئي هئي، سو مري وڃي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 24:3
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


مون اسرائيل ملڪ جي بي‌وفا قوم کي سندس زناڪاريءَ جي ڪري طلاق نامو ڏيئي ڪڍي ڇڏيو. اهو ڏسندي بہ سندس بي‌وفا ڀيڻ يهوداہ ملڪ جي قوم ڪانہ ڊني، اٽلندو اها بہ وڃي زناڪاري ڪرڻ لڳي.


”اهو بہ چيو ويو هو تہ ’جيڪو بہ پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي، سو انهيءَ کي طلاق نامو بہ لکي ڏئي.‘


انهن چيس تہ ”موسيٰ اجازت ڏني آهي تہ طلاق نامو لکي ڏيئي کيس ڪڍي سگھجي ٿو.“


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو مرد ڪنهن عورت سان شادي ڪري، تہ ٿي سگھي ٿو تہ اڳتي هلي منجھس ڪا اڻ‌وڻندڙ ڳالهہ ڏسي کيس پسند نہ ڪري ۽ طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس.


پوءِ جيڪڏهن هوءَ سندس گھر مان نڪرڻ بعد وڃي ڪو ٻيو مڙس ٿي ڪري


تہ پوءِ سندس پهريون مڙس جنهن ڪڍي ڇڏيو هئس، سو هن جي بي‌آبرو ٿيڻ کان پوءِ وري کيس پنهنجي زال نہ بڻائي، ڇو تہ اهو ڪم خداوند جي نظر ۾ نفرت جهڙو آهي. سو اوهين انهيءَ ملڪ ۾، جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏيڻ وارو آهي اهڙو گناهہ ٿيڻ نہ ڏجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ