Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 24:2 - Muslim Sindhi Bible

2 پوءِ جيڪڏهن هوءَ سندس گھر مان نڪرڻ بعد وڃي ڪو ٻيو مڙس ٿي ڪري

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ جڏهن هو انهي جي گهر مان نڪري وڃي، تڏهن ڀلي وڃي ٻيو مڙس ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 24:2
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هو نڪي ڪنهن رن‌زال سان ۽ نہ وري ڪنهن طلاق ڏنل عورت سان شادي ڪن، بلڪ هو بني اسرائيل جي نسل مان ڪنوارين ڇوڪرين سان شادي ڪن، يا وري انهيءَ رن‌زال سان شادي ڪن جيڪا ڪنهن ڪاهن جي رن‌زال هجي.


هو ڪنهن رن‌زال، طلاق ڏنل، يا ڪسبياڻي ٿي بي‌عزت بڻيل سان شادي نہ ڪري، بلڪ پنهنجي ئي قبيلي مان ڪنهن ڪنواريءَ سان شادي ڪري.


ڪوبہ ڪاهن ڪنهن اهڙيءَ عورت سان شادي نہ ڪري جيڪا ڪسبياڻي ٿي بي‌عزت بڻي هجي يا جنهن کي طلاق ڏني ويئي هجي. انهيءَ جو سبب هي آهي تہ ڪاهن منهنجي لاءِ مخصوص ٿيل آهي.


پر جيڪڏهن ڪنهن ڪاهن جي ڌيءَ رن‌زال يا طلاق ڏنل هجي ۽ کيس اولاد نہ هجي، پوءِ هوءَ پنهنجي ننڍپڻ وانگر موٽي اچي پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ رهندي هجي، تہ اها ڀلي پنهنجي پيءُ جي مليل کاڌي مان کائي. پر ڪاهن گھراڻي کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ماڻهو انهيءَ مان اصل نہ کائي.


پر رن‌زال يا طلاق‌شدہ عورت کي پنهنجي باس يا خاص فرض جنهن جي ادا ڪرڻ لاءِ هن پاڻ کي ٻڌل رکيو هوندو، سو پورو ڪرڻو آهي.


پر آءٌ اوهان کي چوان ٿو تہ جيڪو بہ پنهنجي زال کي زنا جي ڏوهہ کان سواءِ ڪنهن ٻئي سبب جي ڪري طلاق ٿو ڏئي، سو هن کي زناڪار ٿو بڻائي ۽ پوءِ جيڪو انهيءَ طلاق ڏنل عورت سان پرڻبو سو بہ زناڪار ٿيندو.“


عيسيٰ کين وراڻيو تہ ”جيڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ٻي زال پرڻجي ٿو، سو زنا ٿو ڪري


انهيءَ هوندي بہ جيڪڏهن غير ايمان وارو ڪو مڙس يا زال جدا ٿئي تہ جدا ٿيڻ ڏيوس. اهڙين حالتن ۾ ايمان وارو مڙس يا زال پابند نہ آهي. پر ڏسو، خدا اوهان کي ميل ميلاپ سان رهڻ لاءِ سڏيو آهي.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو مرد ڪنهن عورت سان شادي ڪري، تہ ٿي سگھي ٿو تہ اڳتي هلي منجھس ڪا اڻ‌وڻندڙ ڳالهہ ڏسي کيس پسند نہ ڪري ۽ طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس.


۽ اهو ٻيو مڙس بہ انهيءَ کان بيزار ٿي پوي ۽ اهو بہ کيس طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس، يا جيڪڏهن سندس اهو ٻيو مڙس مري وڃي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ