Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 24:19 - Muslim Sindhi Bible

19 جڏهن فصل لڻڻ وقت اوهان کان پنهنجي ٻنيءَ ۾ ڪا سٿري رهجي ويئي هجي، تڏهن اها کڻڻ لاءِ موٽي نہ وڃجو، اها يتيمن، رنن‌زالن ۽ اوهان وٽ رهندڙ ڌارين لاءِ پيئي رهي. ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جو خدا اوهان کي انهن سڀني ڪمن ۾ برڪت عطا ڪندو، جن ۾ اوهين هٿ وجھندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

19 جڏهن تون پنهنجي ٻنيءَ جو فصل لڻين، ۽ ٻنيءَ ۾ هڪڙو سنگ وساري ڇڏين، تڏهن اهو کڻڻ لاءِ وري نہ وڃج: اهو مسافر، ۽ يتيم، ۽ بيوہ زال لاءِ پيو رهي: انهي لاءِ تہ جنهن ڪم ۾ تون هٿ وجهين، تنهن ۾ خداوند تنهنجو خدا توکي برڪت ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 24:19
23 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

خداوند ايوب جي پڇاڙي سندس شروعات کان وڌيڪ برڪت واري ڪئي. هو چوڏهن هزار رڍن ٻڪرين، ڇهہ هزار اٺن، هڪ هزار ڏاندن جي جوڙن ۽ هڪ هزار گڏهن جو مالڪ بڻجي ويو.


هو فراخدليءَ سان محتاجن کي ڏين ٿا، ۽ سندن سخاوت هميشہ تائين جاري رهندي. بيشڪ انهن کي قوت ۽ عزت ۾ مٿاهون ڪيو ويندو.


جيڪي غريبن تي رحم ٿا ڪن سي سڀاڳا آهن، مگر جيڪي انهن کان نفرت ٿا ڪن سي گناهہ ٿا ڪن.


جيڪو ڪنهن مسڪين تي رحم ٿو ڪري، سو ڄڻ تہ خداوند کي قرض ٿو ڏئي. هائو، خداوند چڱا ڪم ڪندڙ کي اجورو ڏئي ٿو.


پر نيڪ ماڻهو نيڪيءَ وارا منصوبا ٿا جوڙين. بيشڪ اهي پنهنجي انهن نيڪ منصوبن تي قائم رهندا.


جڏهن اوهين پنهنجيءَ زمين جو فصل لڻو، تڏهن ٻنيءَ جون سموريون ڪنڊون ڪُڙڇون نہ لڻجو، نڪي لاباري وقت رهجي ويل ڪو سنگ ميڙي گڏ ڪجو، بلڪ اهي غريبن ۽ ڌارين لاءِ ڇڏي ڏجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.“


پر اوهين پنهنجن دشمنن سان پيار ڪريو ۽ ساڻن ڀلائي ڪريو. کين اڌارو ڏيو پر واپس وٺڻ جي اميد نہ رکو، تہ اوهان کي وڏو اجر ملندو ۽ اوهين خدا تعاليٰ جا ٻار ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ هو ناشڪرن ۽ بڇڙن تي پڻ مهربان آهي.


ٻين کي ڏيندا رهو تہ خدا کان اوهان کي بہ ملندو، بلڪ واپسيءَ ۾ اوهان کي چڱيءَ طرح، دٻي دٻي، لوڏي لوڏي ۽ وهندڙ ڪري جھول ۾ وڌو ويندو. ياد رکو، جهڙي ماپي سان اوهين ڏيندا، خدا کان تهڙي ئي ماپي سان اوهان کي ماپجي ملندو.“


انهيءَ لاءِ تہ لاوي جن کي اوهان سان گڏ زمين جو ڪوبہ حصو يا ورثو مليل ڪونهي، ۽ ڌاريا، يتيم يا رنون‌زالون، جيڪي اوهان جي شهر ۾ هجن سي اچي اهو کائي ڍءُ ڪن. ائين ڪرڻ سان خداوند اوهان جو خدا اوهان جي پورهئي ۾ برڪت وجھندو.“


اوهين هن کي فراخدليءَ سان ڏجو ۽ ڏيڻ وقت دل ۾ ڪُرڪجو نہ، ڇاڪاڻ تہ انهيءَ ڏيڻ جي ڪري خداوند اوهان جو خدا اوهان جي سڀني ڪمن ۽ انهن سڀني معاملن ۾، جن ۾ اوهين هٿ وجھندا، اوهان کي برڪت ڏيندو.


ياد ڪريو، تہ اوهين پاڻ مصر ۾ غلام هئا ۽ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي اتان ڇڏايو. تنهنڪري آءٌ اوهان کي ائين ڪرڻ لاءِ حڪم ٿو ڏيان.


پوءِ اوهين خداوند پنهنجي خدا کي هيئن چئجو تہ ’جيڪي حڪم تو مون کي ڏنا آهن، تن موجب مون مخصوص ڏهون حصو پنهنجي گھر مان ڪڍي اهو پاڻ وٽ رهندڙ لاوين، ڌارين، يتيمن ۽ رنن‌زالن کي ڏنو آهي. مون تنهنجي ڪنهن بہ حڪم کان منهن نہ موڙيو آهي، نڪي اهي وساري ڇڏيا اٿم.


بلڪ سٿرين مان ڪجھہ تِيلا ڪيرائي بہ ڏيوس تہ هوءَ اهي بہ کڻي ۽ ڇينڀيوس نہ.“


هڪڙي ڏينهن رُوت نعوميہ کي چيو تہ ”مون کي اجازت ڏي تہ آءٌ ٻنيءَ ۾ وڃان ۽ جيڪو مون تي مهربانيءَ جي نظر ڪري تنهن جي پٺيان لڳي سنگ ميڙي گڏ ڪريان.“ نعوميہ ورندي ڏنس تہ ”اي منهنجي ڌيءَ! ڀلي وڃ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ