شريعت جو دور 24:1 - Muslim Sindhi Bible1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن ڪو مرد ڪنهن عورت سان شادي ڪري، تہ ٿي سگھي ٿو تہ اڳتي هلي منجھس ڪا اڻوڻندڙ ڳالهہ ڏسي کيس پسند نہ ڪري ۽ طلاق نامو لکي پنهنجي گھر مان ڪڍي ڇڏيس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 جڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن زال سان شادي ڪري، تڏهن هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن هو انهي ۾ ڪا اڻ وڻندڙ ڳالهہ ڏسي، انهيءَ کي پسند نہ ڪري، تہ هو انهيءَ کي طلاق نامو لکي ڏئي، ۽ پوءِ پنهنجي گهر مان ڪڍي ڇڏيس. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي زال کي طلاق ڏيئي ڪڍي ڇڏي ۽ اُها وڃي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ سان پرڻجي، تہ پوءِ ڇا سندس پهريون مڙس وري وٽس ويندو؟ ائين ڪرڻ سان ڇا ملڪ بلڪل پليت نہ ٿيندو؟ ساڳئيءَ طرح اي منهنجي قوم! تون بہ هڪ ڪڃريءَ وانگر گھڻن ئي يارن سان رهي آهين، انهيءَ حالت ۾ آءٌ تو کي ڪيئن ٿو قبول ڪري سگھان؟