8 انهن جي ٽين پيڙهيءَ ۾ جيڪي ٻار پيدا ٿين، سي خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي سگھن ٿا.“
8 انهن جي ٽين پيڙهيءَ جا ٻار ڀلي تہ خداوند جي جماعت ۾ شامل ٿين.
جيڪو ٻار پهريائين ڄائو هو سو ڳاڙهي رنگ جو هو ۽ سندس سڄي جسم تي وار ئي وار هئا. تنهنڪري سندس نالو عيسو رکيو ويو.
ٻيو ٻار جڏهن ڄائو تہ عيسوءَ جي کُڙي سندس هٿ ۾ پڪڙيل هئي، تنهنڪري انهيءَ جو نالو يعقوب رکيائون. جڏهن هي ڄاوا تڏهن اسحاق جي عمر سٺ سال هئي.
سليمان مصر جي بادشاهہ جي ڌيءَ سان شادي ڪري ساڻس مائٽي ڳنڍي. جيستائين سليمان پنهنجو محل ۽ هيڪل نہ جوڙائي ۽ يروشلم جي چوڌاري ڀت نہ تعمير ڪرائي، تيستائين انهيءَ زال کي پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ آڻي رهايائين.
انهن سڀني ڳالهين کان پوءِ اڳواڻ مون وٽ آيا ۽ چوڻ لڳا تہ ”بني اسرائيل ڪاهنن ۽ لاوين سميت پنهنجي آسپاس رهندڙ غير قومن يعني ڪنعانين، حتين، فرزين، يبوسين، عمونين، موآبين، مصرين ۽ امورين کان پاڻ کي ڌار نہ ڪيو آهي، بلڪ انهن جي ڪراهت جهڙين ڳالهين تي بہ عمل ڪري رهيا آهن.
جيڪو مون هڪڙي خداوند کان سواءِ ڪنهن ٻئي معبود جي لاءِ قرباني ڪري، تنهن کي بلڪل تباهہ ڪيو وڃي.
اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ اهو ڌاريو بہ اوهان جي هموطن ماڻهوءَ جهڙو آهي. سو اوهين ساڻس پاڻ جهڙو ئي پيار ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي ادوم وارؤ! جيئن تہ اوهان پنهنجي همقوم ڀائرن، يعني يعقوب جي اولاد کي لٽيو ڦريو ۽ کين قتل ڪيو آهي، تنهنڪري اوهين هميشہ جي لاءِ برباد ۽ خوار خراب ڪيا ويندا.
تنهنڪري اوهين ڌارين سان پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.
پر اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ادوميءَ کان نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جو عزيز آهي. اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن مصريءَ کان بہ نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سندس ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رهيا هئا.
”جڏهن اوهين پنهنجن دشمنن سان وڙهڻ لاءِ خيما کوڙي رهيا پيا هجو، تڏهن پاڻ کي هر ڪنهن پليتيءَ کان بچائجو.
دائود جي ماڻهن هڪڙي مصري ماڻهوءَ کي ميدان ۾ پيل ڏٺو، جنهن کي هو دائود وٽ کڻي آيا. کيس ماني کارايائون ۽ پاڻي پيئاريائون.