Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 23:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پر اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ادوميءَ کان نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو اوهان جو عزيز آهي. اوهين پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن مصريءَ کان بہ نفرت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سندس ملڪ ۾ ڌاريا ٿي رهيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 تون ڪنهن ادوميءَ سان نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو هو تنهنجو ڀاءُ آهي: تون ڪنهن مصريءَ سان بہ نفرت نہ رکج؛ ڇالاءِ جو تون انهي جي ملڪ ۾ مسافر هئين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 23:7
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري يعقوب کي چيائين تہ ”آءٌ ساڻو ٿي پيو آهيان سو انهيءَ ڳاڙهي ٻوڙ مان مون کي ڪجھہ کائڻ لاءِ ڏي.“ اهو ئي سبب آهي جو عيسوءَ تي ادوم نالو پئجي ويو.


هو پنهنجي ڌيءَ، پٽن، پوٽن ۽ پوٽين، مطلب تہ پنهنجي سڄي اولاد کي پاڻ سان گڏ مصر ۾ وٺي آيو.


يوسف پنهنجي پيءُ، پنهنجي ڀائرن ۽ پنهنجي پيءُ جي سڄي خاندان ۽ سندن ٻارن آهر کاڌ خوراڪ ڏيئي سندن پرورش ڪرڻ لڳو.


بني اسرائيل مصر ملڪ جي جشن علائقي ۾ رهي پيا. اتي هنن ملڪيت ٺاهي ۽ وڌندا ويجھندا ويا.


مصر جو ملڪ پنهنجو اٿن. ڀلي تہ هو جشن جي علائقي ۾ رهن، جيڪو ملڪ جو ڀلي ۾ ڀلو ڀاڱو آهي. جيڪڏهن منجھن ڪي هوشيار ماڻهو هجن تہ انهن کي منهنجي چوپائي مال جي سنڀال لاءِ مقرر ڪج.“


جيستائين سليمان جيئرو رهيو تيستائين هدد جي دشمنيءَ کان وڌيڪ رزون پڻ بني اسرائيل جو دشمن رهيو. رزون ارام ۾ حڪومت ڪندو هو ۽ کيس بني اسرائيل کان نفرت هئي.


تنهنڪري اوهين هنن سان رشتيداريءَ جي ڏي وٺ نہ ڪجو، نڪي سندن سلامتيءَ ۽ سربلندي لاءِ سندن مدد ڪجو، انهيءَ لاءِ تہ اوهين مضبوط بڻجو، انهيءَ ملڪ جي سٺي پيداوار کائو ۽ اُهو ملڪ پنهنجي اولاد لاءِ هميشہ واسطي ورثو ڪري ڇڏي وڃو.‘


ان کان پوءِ يعقوب پنهنجي ڪٽنب سميت آيو، ۽ مصر ملڪ ۾ ڌارئي طور رهڻ لڳو.


اوهين ڪنهن ڌارئي کي نہ ستائجو، نڪي انهيءَ تي ڪو ظلم ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.


اوهين ڌارئي تي ظلم نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان کي ڌارئي جي دل جي خبر آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.“


اوهان جي ملڪ ۾ رهندڙ اهو ڌاريو بہ اوهان جي هم‌وطن ماڻهوءَ جهڙو آهي. سو اوهين ساڻس پاڻ جهڙو ئي پيار ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اوهين بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”مون اوهان سان محبت رکي.“ پر اهي چون ٿا تہ ”تو ڪهڙيءَ ڳالهہ ۾ اسان سان محبت ظاهر ڪئي آهي؟“ خداوند وراڻي ٿو ڏئي تہ ”عيسو ۽ يعقوب پاڻ ۾ ڀائر هئا، تڏهن بہ مون يعقوب سان ۽ سندس نسل سان محبت رکي


موسيٰ قادش مان ادوم جي بادشاهہ ڏانهن ايلچين جي معرفت چوائي موڪليو تہ ”اسان بني اسرائيل جي قبيلن يعني اوهان جي عزيزن جو عرض آهي تہ جيڪي مصيبتون اسان تي آيون آهن تن جي اوهان کي خبر آهي.


تنهنڪري اوهين ڌارين سان پيار ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين پاڻ بہ مصر جي ملڪ ۾ ڌاريا هئا.


انهن جي ٽين پيڙهيءَ ۾ جيڪي ٻار پيدا ٿين، سي خداوند جي قوم ۾ حق حقوق رکندڙ فرد ٿي سگھن ٿا.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ