Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 23:18 - Muslim Sindhi Bible

18 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي گھر ۾، ڪسبياڻيءَ يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان باس نہ آڻجو، ڇاڪاڻ تہ انهن ٻنهي کان خداوند اوهان جي خدا کي نفرت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 تون ڪنهن ڪسبياڻيءَ جي يا لونڊي جي ڪمائيءَ مان نذرانو ڪري، خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ متان آڻين: ڇالاءِ جو انهن ٻنهي کان خداوند تنهنجي خدا کي نفرت آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 23:18
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سڀ کان بدترين ڳالهہ هيءَ هئي تہ ڪي مرد انهن پوڄا گھرن ۾ بدفعلي ڪرڻ لاءِ موجود رهندا هئا. يهوداہ وارا بہ اهي ساڳيا ئي بي‌حيائيءَ وارا ڪم ڪرڻ لڳا، جيڪي اهي ماڻهو ڪندا هئا جن کي خداوند بني اسرائيل جي اچڻ وقت هڪالي ڪڍي ڇڏيو هو.


بدڪارن جي ٽولي اچي ڪتن جيان منهنجو گھيرو ڪيو آهي. هنن ڇتن ڪتن جيان منهنجي هٿن پيرن کي چيري ڦاڙي ڇڏيو آهي.


جيڪو بي‌وقوف ماڻهو بار بار بي‌وقوفي ڪندو ٿو رهي، سو اهڙي ڪتي جيان آهي، جيڪو موٽي اچي پنهنجي ڪيل الٽي چٽي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آءٌ خداوند انصاف کي پسند ٿو ڪريان، ۽ ظلم ۽ ناانصافيءَ کان نفرت ٿو ڪريان. آءٌ پنهنجي قوم کي سچائيءَ سان سندن عيوضو ڏيندس، ۽ ساڻن ابدي عهد ٻڌندس.


سڀيئي ڪڃريون ماڻهن کان اجرت وٺن ٿيون، پر تون پنهنجي سڀني يارن کي بخششون ۽ رشوتون ڏيئي لالچائين ٿي تہ جيئن اهي هر طرف کان تو وٽ اچي تو سان زنا ڪن.


اوهان ڪنهن مرد سان عورت وانگر صحبت نہ ڪجو، ڇاڪاڻ تہ اهو ڪراهت جهڙو ڪم آهي.


اوهين پنهنجي ڌيئرن کي ڪسبياڻي بڻائي کين بي‌آبرو نہ ڪجو، متان ملڪ ۾ زناڪاري ٿيڻ لڳي ۽ ملڪ بڇڙائيءَ سان ڀرجي وڃي.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مرد سان بدفعلي ڪندو، تہ انهن ٻنهي ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي، سو انهن ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي. انهن جو خون سندن ئي سر تي هوندو.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو سلامتيءَ جي قربانيءَ جو جانور ڪنهن باسيل توڙي خوشيءَ جي قربانيءَ طور ذبح ڪري، تہ انهيءَ جو گوشت بہ قرباني ڪرڻ واري ڏينهن کاڌو وڃي، پر جي انهيءَ مان ڪجھہ بچي پوي تہ اهو ٻئي ڏينهن کائي ڇڏجي.


آءٌ سامريہ جي قيمتي بتن کي ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس. هائو، انهيءَ جي سڀني بتن کي ڀڃي ڍير ڪيو ويندو، ۽ انهيءَ جي پوڄا گھرن جي ڪڃرين کي ڏنل هر شيءِ ساڙي رک ڪئي ويندي. سامريہ وارن پوڄا گھرن جي ڪڃرين جي اجرت مان جيڪي سون ۽ چاندي گڏ ڪيا آهن، سي سڀيئي ڌاريا ماڻهو کڻي ٻين ڪڃرين کي اجرت طور ڏيڻ ۾ استعمال ڪندا.“


پر تنهنجيون اکيون اهڙيون تہ پاڪ آهن جو بڇڙائيءَ کي ڏسڻ نہ ٿيون چاهين. تون تہ ظلم کي برداشت نہ ٿو ڪري سگھين تہ پوءِ تون ڇو ٿو دغابازن کي برداشت ڪرين؟ جڏهن بڇڙا ماڻهو پاڻ کان چڱن کي ماري ٿا ڇڏين، تڏهن ڇو تون ماٺ ڪري ويهي ٿو رهين؟


سو لعنت آهي اهڙي دغاباز تي جنهن جي ڌڻ ۾ باسيل بي‌عيب نر موجود تہ آهي، پر تنهن هوندي بہ هو مون پروردگار لاءِ عيب وارو جانور قربان ٿو ڪري. آءٌ وڏو بادشاهہ آهيان ۽ دنيا جون سڀ قومون منهنجو ادب ڪن ٿيون.“


اوهين پاڪ شيون ڪتن اڳيان نہ اڇلايو، نڪي پنهنجا موتي سوئرن اڳيان ڦٽا ڪريو. اهي تہ انهن کي رڳو لتاڙي ڇڏيندا ۽ ڦري اوهان کي چيري ڦاڙي وجھندا.“


اُتي اوهين پنهنجيون ساڙڻ واريون قربانيون ٻين ذبح ڪرڻ وارين قربانين سميت، پنهنجي پيداوار جا نذرانا ۽ پنهنجا ڏهان حصا، پنهنجيون باسون ۽ پنهنجيون خوشيءَ جون قربانيون ۽ پنهنجن ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا پهريتا ٻچا پيش ڪجو.


تہ پوءِ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گھر جي در تي ڪڍي اچن. اتي سندس شهر جا مرد کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ زناڪاري ڪري بني اسرائيل ۾ بي‌عزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.


جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا وٽ ڪا باس باسيو، تہ انهيءَ کي پوري ڪرڻ ۾ دير نہ ڪجو، ڇو تہ خداوند ضرور اوهان کان انهيءَ جي طلب ڪندو ۽ تڏهن اوهين گنهگار ٿيندا.


ڪتن کان خبردار رهو، يعني انهن ماڻهن کان جيڪي برائي ٿا ڪن ۽ بدن کي وڍائڻ يعني طهر ڪرائڻ لاءِ زور ٿا ڪن.


انهن تي هيءَ سچي چوڻي ٺهڪي ٿي تہ ”ڪتو الٽي ڪري وري انهيءَ ڏانهن ٿو موٽي“ ۽ هيءَ چوڻي بہ ٺهڪي ٿي تہ ”وهنتل سوئرڻي وري وڃيو گپ ۾ ليٿڙي.“


پر ڪتا، يعني جادوگر، زناڪار، قاتل، بت‌پرست، ڪوڙ کي پسند ڪندڙ ۽ ڪوڙ ڳالهائيندڙ شهر کان ٻاهر هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ