Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 22:9 - Muslim Sindhi Bible

9 اوهين پنهنجي انگورن جي باغ ۾ ڪو ٻيو فصل نہ پوکجو، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو پوکيل فصل ۽ انگورن جي پيداوار ٻيئي حرام ٿي وڃن.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 تون پنهنجي ڊاک جي منهہ ۾ ٻن قسمن جو ٻج نہ پوکج: متان انهي جو سڀ ميوو، يعني تنهنجو پوکيل ٻج، ۽ ڊاک جي سڀ پيداوار ضبط ٿي پوي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 22:9
9 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪجو. اوهين پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس جي جانور سان لڳ نہ ڪرائجو، نڪي پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي پوکجو ۽ نہ ئي وري اوهين ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ پائجو.


”ڪوبہ ماڻهو هڪ ئي وقت ٻن مالڪن جي غلامي ڪري نہ ٿو سگھي. هو هڪڙي سان محبت تہ ٻئي سان نفرت ڪندو، يا هڪڙي سان وفادار رهندو تہ ٻئي کي خسيس ڄاڻيندو. سو اوهين خدا ۽ دولت ٻنهي جي هڪ ئي وقت غلامي ڪري نہ ٿا سگھو.


ڪوبہ ماڻهو پراڻي قميص کي نئين ڪپڙي جي چتي نہ ٿو هڻي. ائين ڪندو تہ نئين چتي قميص کي ڦاڙي اڃا بہ وڏو انگھہ ڪري وجھندي.


جيئن تہ اها چونڊ خدا جي فضل موجب آهي، تنهنڪري ان ۾ ماڻهن جي عملن جو ڪو دخل نہ آهي، نہ تہ خدا جو فضل فضل نہ ليکجي ها.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.


پر مون کي اهو ڊپ آهي تہ جيئن نانگ پنهنجي مڪاريءَ سان حوا کي برغلايو، تيئن متان ڪنهن نموني اوهان جا خيال بہ انهيءَ سچائيءَ ۽ پاڪيزگيءَ کان بگڙي وڃن جيڪي مسيح جي لائق آهن.


جڏهن اوهين ڪو نئون گھر ٺاهيو، تڏهن پنهنجيءَ ڇت تي چوڌاري پلويڙو ٻڌائجو، انهيءَ لاءِ تہ متان ڪو ماڻهو اتان ڪري پوي ۽ سندس خون اوهان جي گھر تي اچي پوي.


ڏسو، ساڳئي ئي وات مان دعا بہ ٿي نڪري ۽ پاراتو بہ. اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! ائين ٿيڻ نہ گھرجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ