Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 22:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جيڪڏهن اوهين واٽ ويندي اتفاق سان زمين تي يا وڻ تي ڪنهن پکيءَ جو آکيرو ڏسو، جنهن ۾ آنا يا ٻچا هجن ۽ مادي انهن تي ويٺي هجي تہ اوهين ٻچن کي ماديءَ سميت نہ کڻي وڃجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 جيڪڏهن توکي واٽ ويندي اتفاق سان ڪنهن پکيءَ جو آکيرو پٽ تي يا وڻ تي ڏسڻ ۾ اچي، ۽ انهي ۾ آنا يا ٻچا هجن، ۽ مادي آنن يا ٻچن تي ويٺل هجي، تہ تون ماديءَ کي ٻچن سميت نہ کڻج:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 22:6
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ مون کي منهنجي ڀاءُ عيسوءَ جي چنبن کان بچاءِ، ڇو تہ آءٌ ڊڄان ٿو تہ متان هو اچي اسان سڀني کي ٻارن ۽ سندن مائرن سميت ماري وجھي.


سڀيئي ساهوارا جهڙوڪ پکي، جانور ۽ سرندڙ جيت پاڻ سان گڏ ٻاهر وٺي اچ تہ اُهي ڌرتيءَ تي نسل وڌائين ۽ وڌن ويجھن.“


سچار ماڻهو پنهنجي ڍورن جي بہ سٺي سار سنڀال لهي ٿو، مگر بدڪار جو رحم بہ ظلم وارو رويو آهي.


سو هاڻي اوهان جي قوم تي جنگ اچي ڪڙڪندي، ۽ اوهان جا سڀ قلعا ڊاهي ناس ڪيا ويندا، جهڙيءَ طرح بادشاهہ شلمن جي ڏينهن ۾ بيت‌اربيل کي جنگ ۾ برباد ڪيو ويو هو. انهيءَ جنگ ۾ مائرن کي ٻارن سميت اڇلائي ماريو ويو هو.


اوهين ڳئن يا رڍن ٻڪرين کي سندن ڦرن سميت هڪڙي ئي ڏينهن تي قربانيءَ لاءِ ذبح نہ ڪجو.


ڇا ٻن ننڍڙن سڪن ۾ پنج جھرڪيون نہ ٿيون وڪامن؟ تنهن هوندي بہ ڪابہ جھرڪي خدا کان وسريل نہ آهي.


ڪابہ عورت مرداڻي پوشاڪ نہ پائي، نڪي وري ڪو مرد عورتن وارا ڪپڙا پائي، ڇاڪاڻ تہ جيڪو ائين ٿو ڪري تنهن کان خداوند اوهان جو خدا نفرت ٿو ڪري.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ