Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 22:24 - Muslim Sindhi Bible

24 تہ پوءِ اوهين انهن ٻنهي کي ان شهر جي در تي آڻي سنگسار ڪري ماري ڇڏجو. ڇوڪريءَ کي انهيءَ ڪري ماريو جو هوءَ شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين ۽ مرد کي انهيءَ ڪري جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي مڱ کي بي‌آبرو ڪيو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تہ اوهين انهن ٻنهي کي انهي شهر جي دروازي تي آڻي، کين سنگسار ڪري ماري ڇڏجو؛ انهيءَ ڇوڪريءَ کي هن ڪري، جو هو شهر ۾ هئي تڏهن بہ رڙيون نہ ڪيائين؛ ۽ انهي ماڻهوءَ کي هن ڪري، جو هن پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي بي آبرو ڪيو: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 22:24
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ يعقوب لابن کي چيو تہ ”منهنجو مدو پورو ٿيو آهي، هاڻ منهنجي زال مون کي شاديءَ ۾ ڏي.“


جيڪڏهن آءٌ ائين ڪريان ها، تہ هڪ وڏو گناهہ ڪريان ها، هائو، اهڙو گناهہ جنهن جي سزا مون کي شريعت مطابق پوري پوري ملي ها.


آءٌ تو تي اهڙي فتويٰ جاري ڪندس، جهڙي ڪنهن زناڪار ۽ خون وهائيندڙ عورت تي جاري ڪئي ويندي آهي. آءٌ پنهنجي غصي ۽ غيرت سببان تو کي موت جي سزا ڏيندس.


جيڪو ماڻهو ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ يعني پنهنجي ڪنهن پاڙيسريءَ جي زال سان زنا ڪندو، تہ انهيءَ زناڪار مرد ۽ عورت ٻنهي کي ضرور موت جي سزا ڏني وڃي.


پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آهي.


سو جڏهن يوسف ننڊ مان جاڳي اٿيو، تڏهن جيئن خداوند جي ملائڪ چيو هئس تيئن ئي ڪيائين ۽ مريم سان شادي ڪيائين.


تڏهن بہ اوهان کي ڪا شرمساري نہ ٿي ٿئي، پر اٽلندو فخر ٿا ڪريو. اوهان کي گھربو هو تہ انهيءَ ماڻهوءَ کي پنهنجي ڪليسيا مان ڪڍي ڇڏيو ها.


انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.


انهيءَ کي سنگسار ڪرڻ لاءِ پهريائين اهي شاهد مٿس پٿر اڇلائين، پوءِ باقي ٻيا ماڻهو. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو.“


پوءِ جيڪڏهن هو انهيءَ مان خوش نہ ٿئي تہ کيس ڇڏي ڏئي تہ جيڏانهن وڻيس اوڏانهن هلي وڃي. پر هو کيس پئسن تي هرگز نہ وڪڻي، نڪي ساڻس ٻانهيءَ جهڙي هلت ڪري، ڇاڪاڻ تہ هوءَ ڪڏهن سندس ننگ هئي.“


جيڪڏهن ڪا ڪنواري ڇوڪري ڪنهن مرد سان مڱيل هجي ۽ شهر اندر ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ کي ڏسي ساڻس سمهي،


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڪنهن مڱيل ڇوڪريءَ کي جھنگ ۾ ڏسي زوريءَ سندس عزت لٽي، تہ پوءِ رڳو انهيءَ ماڻهوءَ کي ماريو وڃي جنهن ڇوڪريءَ جي عزت لٽي آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ