شريعت جو دور 22:21 - Muslim Sindhi Bible21 تہ پوءِ هو انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گھر جي در تي ڪڍي اچن. اتي سندس شهر جا مرد کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين، ڇاڪاڻ تہ هن پنهنجي پيءُ جي گھر ۾ زناڪاري ڪري بني اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي. اهڙيءَ طرح اوهين اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏجو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible21 تہ پوءِ انهيءَ ڇوڪريءَ کي سندس پيءُ جي گهر جي در تي وٺي اچن، ۽ سندس شهر جا ماڻهو کيس سنگسار ڪري ماري ڇڏين: ڇالاءِ جو هن پنهنجي پيءُ جي گهر ۾ زناڪاري ڪري اسرائيل ۾ بيعزتيءَ جو ڪم ڪيو آهي: انهيءَ طرح تون اها خرابي پنهنجي وچ مان ڪڍي ڇڏج. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
انهيءَ نبي سڏائيندڙ يا خوابن جي تعبير ڪرڻ واري کي موت جي سزا ڏيئي ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن خداوند اوهان جي خدا، اوهان کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو جتي اوهين غلام هئا، تنهن جي خلاف هن بغاوت جي ڳالهہ ڪئي آهي. سندس مقصد اهو هو تہ اوهان کي انهيءَ رستي کان ڦيرائي ٻئي پاسي ڪري، جنهن رستي تي هلڻ لاءِ خداوند اوهان جي خدا اوهان کي حڪم ڏنو آهي. تنهنڪري اوهين پنهنجي وچ مان اهڙي بڇڙائيءَ کي ڪڍي ڇڏجو.