جيئن ئي يعقوب جا پٽ جھنگ مان موٽيا ۽ اها ڳالهہ ٻڌائون تڏهن تمام رنج ٿيا ۽ ڪاوڙ ۾ تپي باهہ ٿي ويا. انهيءَ جو سبب هي هو تہ سڪم يعقوب جي ڌيءَ جي عزت لُٽي اسرائيل جي گھراڻي جي خواريءَ جو ڪم ڪيو هو، جيڪو ڪرڻ نہ گھربو هئس.
هو کانئس چانديءَ جا هڪ سؤ سڪا ڏنڊ وٺي ڇوڪريءَ جي پيءُ کي ڏين، ڇاڪاڻ تہ هن بني اسرائيل جي هڪڙي ڪنواري ڇوڪريءَ تي بدنامي آندي. پوءِ اها ڇوڪري سندس زال ٿي رهي ۽ هو سڄي حياتيءَ تائين کيس طلاق نہ ڏئي.