اوهين منهنجي حڪمن تي عمل ڪجو. اوهين پنهنجي چوپائي مال کي جدا جنس جي جانور سان لڳ نہ ڪرائجو، نڪي پنهنجي ٻنيءَ ۾ ٻن قسمن جو ٻج گڏي پوکجو ۽ نہ ئي وري اوهين ٻن شين مان اُڻيل ڪپڙي جي پوشاڪ پائجو.
عيسيٰ انهن کي هي مثال بہ ٻڌايو تہ ”ڪوبہ ماڻهو نون ڪپڙن مان ٽڪر ڦاڙي پراڻن ڪپڙن کي چتي نہ ٿو هڻي. جيڪڏهن ائين ڪندو تہ هو نوان ڪپڙا بہ ڦاڙيندو ۽ اهو ٽڪر پراڻي سان ميل بہ نہ کائيندو.