Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 22:1 - Muslim Sindhi Bible

1 موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين پنهنجي قوم واري جو ڏاند يا رڍ رلندي ڏسو، تہ ڏٺي اڻ‌ڏٺي نہ ڪري ڇڏجو، بلڪ ورائي آڻي انهيءَ کي ڏجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 تون پنهنجي ڀاءُ جو ڏاند يا رڍ رلندي ڏسين، تہ ڏٺي اڻ ڏٺي نہ ڪج: پر تون ضرور ورائي آڻي پنهنجي ڀاءُ کي ڏج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 22:1
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جن کي ناحق موت جي سزا لاءِ نيو ٿو وڃي تن کي ڇڏايو. هائو، جيڪي ناحق ڦاسيءَ چاڙهڻ لاءِ گهليا ٿا وڃن، تن کي بچايو.


پنهنجي مصيبت جي ڏينهن ۾ پنهنجي دوست يا پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي پري وارن مائٽن ڏانهن نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ ويجھو دوست انهن کان وڌيڪ بهتر آهي.


جيڪو غريبن کي ٿو ڏئي سو ڪڏهن بہ محتاج نہ ٿيندو، مگر جيڪو سندن ضرورتن کان چشم‌پوشي ٿو ڪري، تنهن تي گھڻي ملامت ڪئي ويندي.


اهو ئي تہ حقيقي روزو آهي جو اوهين پنهنجي ماني بکين کي ڏيو، ۽ جيڪي غريب دربدر آهن تن کي پنهنجي گھر وٺي اچو. جڏهن ڪو اگھاڙو ڏسو تہ انهيءَ کي اوهين ڪپڙا ڍڪايو، ۽ پنهنجي مٽن مائٽن جي مدد ڪرڻ کان انڪار نہ ڪريو.


ڇاڪاڻ تہ هن وقت خداوند بني اسرائيل کان منهن موڙي ڇڏيو آهي. پر آءٌ خداوند تي ڀروسو ٿو رکان ۽ منهنجي اميد آهي تہ اڳتي هلي انهن تي عمل ڪيو ويندو.


آءٌ پنهنجي گم ٿي ويل رڍن ٻڪرين کي ڳولي لهندس ۽ ڌڻ مان نڪري ويلن کي موٽائي آڻيندس. آءٌ عضوي ڀڳل رڍن ٻڪرين جا عضوا ٻڌي ٺيڪ ڪندس، ۽ بيمارن ۽ ڪمزورن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪندس. مگر جيڪي ٻين جي حصي جو گاهہ کائي ٿلهيون متاريون ۽ زورآور ٿيون هونديون تن کي ڪُهي ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ سدائين انصاف ڪندڙ آهيان.


اوهان ڪڏهن بہ ضعيفن کي طاقت نہ ڏني آهي، نڪي بيمارن کي ڇٽائي چڱو ڀلو ڪيو اٿوَ، نہ وري ڀڳل عضون کي ٻڌي سڄو ڪيو اٿوَ. اوهان ڀٽڪي ويلن کي موٽائي نہ آندو آهي، نڪي گم ٿي ويلن کي ڳولي لڌو اٿوَ، بلڪ اوهان تہ زور ۽ زبردستيءَ سان مٿن حڪم پئي هلايو آهي.


پر جيڪڏهن قوم وارا انهيءَ ماڻهوءَ کان، جنهن پنهنجو اولاد مولڪ کي ڏنو، چشم‌پوشي ڪندا ۽ انهيءَ کي قتل نہ ڪندا،


يا سندس ڪا گم ٿيل شيءِ لهي ۽ پوءِ نہ مڃي ۽ ڪوڙو قسم بہ کڻي، تہ پوءِ هو انهن سڀني مان ڪنهن هڪڙيءَ ڳالهہ ڪرڻ جي ڪري بہ گنهگار ٿيندو.


پر بني اسرائيل، جيڪي ڀٽڪيل رڍن وانگر آهن تن وٽ وڃجو.


تنهن تي عيسيٰ چين تہ ”آءٌ رڳو بني اسرائيل جي گمراهہ ٿيل رڍن لاءِ ئي موڪليو ويو آهيان.“


هائو، موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تہ ”جڏهن ڪو ڍڳو ڳاهہ ۾ وهي، تڏهن ان جو وات نہ ٻڌ.“ ڇا ڀلا خدا کي رڳو ڍڳن جي ڳڻتي آهي؟


جيڪڏهن اوهان جو اهو هم‌قوم اوهان جي ويجھو نہ رهندو هجي، يا اوهين کيس نہ سڃاڻيندا هجو، تہ پوءِ اوهين انهيءَ جانور کي پنهنجي گھر آڻي بيهارجو. اهو تيستائين اوهان جي گھر ۾ هجي جيستائين اوهان جو اهو هم‌قوم انهيءَ جي ڳولا ڪندو اوهان وٽ اچي. پوءِ اوهين اهو کيس موٽائي ڏجو.


هائو، اڳي اوهين ڀٽڪيل رڍن وانگر هئا پر هاڻي پنهنجن روحن جي ڌنار ۽ نگهبان وٽ موٽي آيا آهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ