Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 21:8 - Muslim Sindhi Bible

8 سو اي خداوند! تون پنهنجي قوم بني اسرائيل، جنهن کي تو ڇڏايو آهي تنهن جو هي ڪفارو قبول ڪر. بي‌گناهہ جو خون تون پنهنجي قوم بني اسرائيل جي سر تي نہ لڳاءِ.‘ تڏهن ئي انهيءَ خون جي سزا کان کين معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

8 اي خداوند، تون پنهنجيءَ اُمت بني اسرائيل کي معاف ڪر، جنهن کي تو ڇڏايو آهي، ۽ بيگناهہ جو خون پنهنجي اُمت بني اسرائيل جي سر تي نہ لڳاءِ. پوءِ انهي خون جي اوهان کي معافي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 21:8
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن چيائين تہ ”آءٌ ۽ منهنجي بادشاهت ابنير ولد نير جي خون کان هميشہ جي لاءِ خداوند جي آڏو بي‌ڏوها آهيون.


تنهن تي بادشاهہ بناياہ کي حڪم ڏنو تہ ”جيئن هن چيو آهي تيئن ئي ڪر. تون کيس ماري کڻي وڃي دفن ڪرينس. اهڙيءَ طرح جيڪو ناحقي رت يوآب وهايو هو، تنهن جو گناهہ مون تان ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي تان لاهي ڇڏ.


خاص طور منسيءَ بي‌گناهن جو ايترو تہ رت وهايو جو هن يروشلم کي رت سان ڀري ڇڏيو هو، جنهن ڪري خداوند کيس معافي ڏيڻ نہ ٿي گھري.


اهڙو ماڻهو ڪير آهي، جيڪو پنهنجيءَ ڀُل کي پروڙي سگھي؟ سو اي خداوند! تون مون کي غير ارادي قصورن کان بچاءِ.


رڳو ايتري پڪ ڄاڻجو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي ماري وجھندءُ تہ اوهين پنهنجي ۽ يروشلم شهر جي سڀني رهاڪن جي سر تي هڪڙي بي‌گناهہ جو خون آڻيندءُ، ڇاڪاڻ تہ سچ پچ خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي ٻڌايان.“


اهي مصر ۾ رهنديون هيون ۽ جڏهن اهي نوجوان ٿيون تہ هنن زناڪاري ڪئي ۽ ڪسبياڻيون بڻيون. اتي هنن پنهنجي بدن کي ٻين جي حوالي ڪيو ۽ سندن ڪنوارپڻو باقي نہ رهيو.


يعني انهيءَ کي مون خداوند جي واسطي قرباني ڪرڻ لاءِ مون سان ملاقات واري خيمي جي اڱڻ واري در وٽ آڻي ذبح نہ ڪندو تہ انهيءَ ماڻهوءَ تي خون جو الزام ايندو، ڇاڪاڻ تہ هن رت وهايو آهي. پوءِ اهڙي ماڻهوءَ کي منهنجيءَ قوم مان خارج ڪيو ويندو.


تڏهن هنن خداوند کي ٻاڏائي چيو تہ ”اي خداوند! اسين تو کي منٿ ٿا ڪريون تہ هن شخص جي جان جي بدلي ۾ اسان کي نہ مار. هن خون جو اسان کي ڏوهي قرار نہ ڏي، ڇاڪاڻ تہ اي خداوند! جيئن تو کي وڻيو تيئن تو ڪيو آهي.“


انهيءَ لاءِ تہ سڀني نيڪن جو خون جيڪو ڌرتيءَ تي وهايو ويو سو اوهان جي ڳچيءَ ۾ پوي، يعني نيڪ هابيل کان وٺي برڪياہ جي پٽ زڪرياہ جي خون تائين، جنهن کي اوهان هيڪل جي اڱڻ ۾ قربان‌گاهہ ۽ مقدس جاءِ جي وچ ۾ ماريو هو.


۽ شاهدي ڏيندي چون تہ ’نہ اسان جي هٿان اهو خون ٿيو آهي ۽ نہ اسان جي اکين اهو خون ٿيندي ڏٺو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ