شريعت جو دور 21:5 - Muslim Sindhi Bible5 پوءِ ڪاهن ويجھو اچن، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي خدا انهن کي لاوي قبيلي مان ان لاءِ چونڊيو آهي تہ اهي سندس خدمت ڪن ۽ خداوند جي نالي سان ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن ۽ هر ڪنهن جھيڙي ۽ خونريزيءَ جو فيصلو ڪن. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible5 ۽ بني لاوي جي ڪاهن آهن، سي ويجهو اچن؛ ڇالاءِ جو خداوند تنهنجي خدا انهن کي چونڊيو آهي، تہ سندس خدمت ڪن، ۽ خداوند جي نالي برڪت ڏين؛ ۽ انهن جي چوڻ موجب هر ڪنهن جهيڙي ۽ تڪرار جو فيصلو ٿئي: အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جڏهن بہ يهوداہ ملڪ ۾ رهندڙ اوهان جي هموطنن مان ڪنهن جو ڪو مقدمو اوهان وٽ اچي، جيڪو منجھن قتل جي باري ۾ هجي توڙي شريعت ۽ قاعدن قانونن جي باري ۾ هجي، تڏهن اوهين کين خبردار ڪجو تہ هو خداوند جا گنهگار نہ ٿين، متان اوهان تي ۽ اوهان جي هموطنن تي خدا جو غضب نازل ٿئي. جيڪڏهن اوهين ائين ڪندا تہ ڏوهاري نہ ٿيندا.
پوءِ انهيءَ ماڻهوءَ مون کي ٻڌايو تہ ”هيڪل جي اتر ۽ ڏکڻ پاسي وارا اهي ڪمرا خداوند جي خدمت لاءِ ئي مخصوص آهن. انهن ڪمرن ۾ خداوند جا چونڊيل ڪاهن قربانين جون اهي شيون کائيندا جيڪي خداوند لاءِ ئي مخصوص آهن. اناج جون قربانيون، گناهن کان پاڪ ٿيڻ واسطي قربانيون ۽ قصور جي تلافيءَ واسطي قربانيون بہ اتي ئي رکيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ اهي سڀ قربانيون رڳو خداوند لاءِ مخصوص آهن.