Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 21:3 - Muslim Sindhi Bible

3 پوءِ جيڪو شهر انهيءَ لاش کي سڀني کان ويجھو هجي، تنهن جا اڳواڻ هڪڙي اهڙي گابي چونڊي وٺن، جنهن کان اڃا نہ ڪو ڪم ورتو ويو هجي ۽ نہ وري اڃا تائين پاڃاريءَ ۾ جوٽي ويئي هجي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪو شهر انهي لاشي کي ويجهو هجي، تنهن جا بزرگ هڪڙي اهڙي گابي وٺن، جنهن کان اڃا ڪو ڪم نہ ورتو ويو هجي، ۽ جا اڃا پاڃاريءَ ۾ جوٽي نہ ويئي هجي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 21:3
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يقيناً مون اسرائيل وارن کي روئندي رڙندي ۽ هي چوندي ٻڌو آهي تہ ’اي خداوند! تو اسان کي اهڙي سيکت ڏني آهي، جهڙي جڙ گابي کي ڏبي آهي، ۽ اسين سکي ويا آهيون. سو تون اسان کي توفيق ڏي تہ هاڻ اسين تو آڏو توبهہ‌تائب ٿيون، ڇاڪاڻ تہ تون خداوند اسان جو خدا آهين.


”جنهن شرعي قانون جو مون خداوند حڪم ڏنو آهي، تنهن موجب اوهين بني اسرائيل کي چئو تہ هو اوهان وٽ هڪڙِي بي‌عيب ڳاڙهي گابِي آڻين، جنهن تي ڪوبہ داغ نہ هجي ۽ جنهن تي ڪڏهن بہ پاڃاري ڪانہ آئي هجي.


هوڏانهن جڏهن بني اسرائيل اڃا سينا جبل وٽ ئي هئا تہ خداوند لاويءَ جي قبيلي کي الڳ ڪيو، انهيءَ لاءِ تہ اهي خداوند جي عهد واري صندوق کڻن ۽ خداوند جي حضور ۾ حاضر رهي سندس خدمت ڪن ۽ سندس نالو وٺي ماڻهن لاءِ خير جي دعا گھرن. اڄ ڏينهن تائين ائين ئي ٿيندو پيو اچي.


تڏهن اوهان جا اڳواڻ ۽ جج ٻاهر نڪري انهيءَ لاش کان وٺي آس‌پاس وارن شهرن تائين ماپ ڪن.


انهيءَ شهر جا اڳواڻ انهيءَ گابيءَ کي هڪڙي اهڙي برساتي نهر ۾ وٺي وڃن جنهن ۾ وهندڙ پاڻي هجي ۽ منجھس اڃا نہ هر وهيو هجي، نہ پوک ٿي هجي. انهيءَ برساتي نهر ۾ هو ان گابيءَ جو ڪنڌ ڀڃي ڇڏين.


انساني شڪل ۾ ظاهر ٿي ڪري هن پاڻ کي هيٺاهون ڪيو، ۽ ايتري قدر فرمانبردار رهيو جو موت، بلڪ صليبي موت قبول ڪيائين.


تنهنڪري هاڻي اوهين هڪڙي نئين گاڏي تيار ڪريو، جنهن ۾ کير ڏيندڙ اهڙيون ٻہ ڳئون جوٽيو جن جي ڳچيءَ ۾ اڃا پاڃاري ڪين پيئي هجي. انهن ڳئن جي ڦرن کي گھر ۾ آڻي بند ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ