Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 21:23 - Muslim Sindhi Bible

23 تہ انهيءَ جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي. پر اوهين انهيءَ کي ساڳئي ئي ڏينهن دفن ڪري ڇڏجو، ڇاڪاڻ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي سو خداوند جي طرفان لعنتي آهي. سو ائين نہ ٿئي جو جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ميراث طور ڏيڻ وارو آهي، تنهن کي اوهين ناپاڪ ڪريو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

23 تہ انهي جو لاشو سڄي رات وڻ تي لٽڪيل نہ رهي، پر تون انهي ڏينهن هن کي دفن ڪج؛ ڇالاءِ تہ جنهن کي ڦاسي ٿي ملي، سو خدا جي طرفان لعنتي آهي؛ تہ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي ورثي طور ڏئي ٿو، تنهن کي تون ناپاڪ نہ ڪرين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 21:23
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن اياہ جي ڌيءَ رصفہ جبل تي انهن لاشن وٽ پنهنجي لاءِ کٿو وڇايو ۽ فصل لهڻ جي شروعات کان وٺي برسات جي موسم تائين، ڏينهن رات انهن لاشن جي پکين ۽ جھنگلي جانورن کان حفاظت ڪندي رهي.


تنهن جي اولاد مان ست ڄڻا اسان جي حوالي ڪيا وڃن، تہ انهن کي اسين انهيءَ جي ئي جِبعت شهر ۾، خداوند جي فيصلي موجب ڦاسي ڏيئي لٽڪايون.“ بادشاهہ کين چيو تہ ”آءٌ اهي اوهان جي حوالي ڪندس.“


جڏهن ييهوءَ کي ٻڌايو ويو تہ اخي‌اب بادشاهہ جي اولاد جون سسيون آنديون ويون آهن، تڏهن ييهوءَ حڪم ڏنو تہ ”اهي سسيون شهر جي ٻاهرئين دروازي وٽ ٻہ ڍڳڙيون ڪري صبح تائين رکي ڇڏيو.“


بني اسرائيل قوم وارا ستن مهينن تائين انهن جي لاشن کي دفنائيندا رهندا، انهيءَ لاءِ تہ پنهنجي ملڪ کي پاڪ ڪري ڇڏين.


اها زمين بہ پليت ٿي ويئي آهي، تنهنڪري آءٌ خداوند انهيءَ کي سندس بدڪاريءَ جي اهڙي سزا ڏيندس جو اها پنهنجي رهاڪن کي اُلٽي ڪري ڪڍي ڇڏيندي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”سڀني اڳواڻن کي پڪڙي منهنجي اڳيان کين ڏينهن ڏٺي جو ڦاسيءَ تي چاڙهي ڇڏ، تہ جيئن مون خداوند جو غضب بني اسرائيل تان ٽري وڃي.“


اهو تياريءَ جو ڏينهن هو ۽ ايندڙ ڏينهن يهودين لاءِ خاص سبت جو ڏينهن هو. تنهنڪري يهودي اڳواڻن نہ ٿي چاهيو تہ لاش صليبن تي ٽنگيل رهن. سو انهن پلاطس کي عرض ڪيو تہ ”صليب وارن جون ٽنگون ڀڳيون وڃن تہ جيئن جلدي مري وڃن ۽ پوءِ لاش صليبن تان لاٿا وڃن.“


جيڪو خداوند عيسيٰ سان پيار نہ ٿو ڪري تنهن تي لعنت هجي. اي اسان جا خداوند! اچ.


مسيح جيڪو گناهہ کان پاڪ هو، تنهن کي خدا اسان جي واسطي گناهہ جي قرباني مقرر ڪيو، تہ جيئن مسيح ۾ هئڻ ڪري اسان مان خدا جي سچائي ظاهر ٿئي.


هاڻ مسيح اسان جي بدران عيوضو ڏيئي شريعت تي عمل نہ ڪرڻ واري لعنت کان اسان کي ڇڏايو. هائو، هو صليب تي چڙهي اسان جي واسطي پاڻ لعنتي بڻيو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”جيڪو بہ وڻ تي لٽڪايو وڃي ٿو، سو لعنتي آهي.“


تنهنڪري جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ورثي طور قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اوهان جي آس‌پاس وارن دشمنن کان اوهان کي آرام بخشي، تڏهن اوهين ڌرتيءَ تان عماليقين جو نالو نشان مِٽائي ڇڏجو. اها ڳالهہ اوهين وساري نہ ڇڏجو.“


اوهان جي ڪري خداوند مون سان بہ ڪاوڙيو ۽ قسم کڻي چيائين تہ ’تون اردن درياءَ جي اولهہ طرف نہ ويندين ۽ نہ وري انهيءَ چڱي ملڪ ۾ داخل ٿيندين، جيڪو آءٌ خداوند سندن خدا کين ورثي طور ڏيندس.‘


اوهين بتن جي ڪابہ مڪروهہ شيءِ پنهنجي گھر ۾ نہ آڻجو، نہ تہ اوهين بہ انهن وانگر لعنتي ٿيندا. اوهين انهن کان سخت نفرت ڪجو ۽ انهن کي غلاظت ڪري ڄاڻجو، ڇاڪاڻ تہ اهي لعنتي آهن.“


انهيءَ ڪري ئي بني اسرائيل پنهنجي دشمنن جي اڳيان بيهي نہ ٿا سگھن. هو انهن کي پٺي ڏيئي ڀڄي وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ کي تباهيءَ جي لائق بڻايو آهي. هاڻ جيستائين اوهين پاڻ منجھان انهن مخصوص شين کي ناس نہ ڪندا جيڪي ناس ڪرڻيون آهن، تيستائين آءٌ اوهان سان نہ هوندس.


هن عئيءَ جي بادشاهہ کي وڻ ۾ ٽنگي ڦاسي ڏني ۽ انهيءَ جو لاش شام تائين اتي ٽنگيو پيو هو. سج لٿي مهل يشوع جي حڪم سان هنن انهيءَ جو لاش وڻ تان هيٺ لاهي شهر جي ٻاهرين دروازي جي منهن وٽ اڇلائي ڇڏيو. انهيءَ جي مٿان پٿرن جو هڪڙو وڏو ڍير ڪري ڇڏيائون جيڪو اڄ ڏينهن تائين اتي موجود آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ