Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 21:16 - Muslim Sindhi Bible

16 تہ جڏهن هو پنهنجي ميراث پنهنجي پٽن ۾ ورهائي تڏهن سندس اڻ‌وڻندڙ زال جو پٽ، جيڪو سچ پچ سندس پهريتو پٽ آهي، تنهن جي هوندي پنهنجيءَ وڻندڙ زال جي پٽ کي پهريتو قرار نہ ڏئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تہ هيئن ٿيندو، تہ جڏهن هو پنهنجن پٽن کي ميراث ورهائي ڏئي، تڏهن سندس حقير زال جو پٽ، جو سچ پچ پهريتو آهي، تنهن جي هوندي، پنهنجي پياريءَ زال جي پٽ کي پهريتو نہ ٺهرائي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 21:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يعقوب ورندي ڏنس تہ ”پهريائين تون پنهنجي پهريتي هئڻ جو حق مون کي وڪڻي ڏي.“


بني مراريءَ مان حوساہ جا هي پٽ چونڊيا ويا: سمري، جيتوڻيڪ هو پهريتو پٽ نہ هو تنهن هوندي بہ سندس پيءُ کيس سردار مقرر ڪيو هو،


جيتوڻيڪ يهوداہ قبيلو زورآور هو ۽ حڪمران بہ انهيءَ قبيلي مان ٿيو، تنهن هوندي بہ پهريتي هئڻ جو حق يوسف کي ئي هو.


سندن پيءُ کين چاندي، سون ۽ ٻين قيمتي شين جي گھڻين ئي سوغاتن سان گڏ يهوداہ ملڪ ۾ قلعن وارا شهر بہ ڏنا هئا. پر بادشاهت هن يهورام کي ڏني، ڇاڪاڻ تہ هو سندس پهريتو پٽ هو.


هائو، شروع کان ئي خدا انهن کي پنهنجو ٿي ڄاتو ۽ کين اڳ ۾ ئي مخصوص بہ ڪيو هئائين. خدا اهو انهيءَ لاءِ ڪيو تہ اهي سندس فرزند جهڙا ٿين، تہ جيئن سندس فرزند گھڻن ڀائرن ڀينرن ۾ پهريتو ٿئي.


”ٿي سگھي ٿو تہ ڪنهن ماڻهوءَ کي ٻہ زالون هجن، جن مان هڪڙي سندس وڻندڙ ۽ ٻي اڻ‌وڻندڙ هجي ۽ انهن ٻنهي مان کيس پٽ هجن. هاڻي جيڪڏهن پهريتو پٽ سندس اڻ‌وڻندڙ زال مان هجيس،


پر هو اڻ‌وڻندڙ زال جي پٽ کي پهريتو قرار ڏئي ۽ کيس سموري مال منجھان ٻہ حصا ڏئي، ڇاڪاڻ تہ هو سندس اولاد پيدا ڪرڻ واري قوت جو پهريون ٻار آهي ۽ پهريتي هئڻ جو حق انهيءَ جو آهي.“


هاڻي اي ڀائرو ۽ ڀينرون! جيڪي بہ ڳالهيون سچيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون شرافت جهڙيون آهن، جيڪي بہ ڳالهيون صحيح آهن، جيڪي بہ ڳالهيون پاڪ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون وڻندڙ آهن، جيڪي بہ ڳالهيون من کي موهيندڙ آهن، مطلب تہ جيڪي بہ نيڪيءَ واريون ۽ تعريف جي لائق ڳالهيون آهن انهن تي ويچار ڪندا رهجو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ