Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 20:5 - Muslim Sindhi Bible

5 پوءِ عملدار ماڻهن کي مخاطب ٿي چون تہ ’اوهان مان جنهن ماڻهوءَ نئون گھر جوڙايو هجي ۽ خيرات ڪري انهيءَ ۾ اڃا رهڻ شروع نہ ڪيو هجائين تہ اهو پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو جنگ ۾ مارجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ گھر ۾ رهڻ شروع ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 پوءِ عملدار ماڻهن کي چون، تہ اوهان مان جنهن ماڻهوءَ نئين جاءِ جوڙائي هجي، ۽ انهيءَ کي مخصوص نہ ڪيو هجيس، سو پنهنجي گهر موٽي وڃي، تہ متان هو جنگ ۾ ماريو وڃي، ۽ ٻيو ڪو ماڻهو انهيءَ جاءِ کي مخصوص ڪري.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 20:5
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يروشلم شهر جي ڀتين جي وقف ڪرڻ وقت لاوين کي سندن رهڻ وارن هنڌن تان ڳولي يروشلم ۾ آندو ويو، تہ جيئن هو يروشلم ۾ حاضر ٿي وقف ڪرڻ واري انهيءَ رسم کي خوشيءَ ۽ شڪرگذاريءَ سان ٽلين ۽ تارن وارا ساز وڄائيندي بجا آڻين.


اي خداوند! تنهنجي واکاڻ هجي، ڇوجو تو مون کي سرفراز ڪيو آهي. تو منهنجي دشمنن کي مون تي خوش ٿيڻ ڪين ڏنو آهي.


موسيٰ لشڪر جي سالارن يعني هزارن ۽ سون جي سالارن تي، جيڪي جنگ تان موٽيا هئا، غصي ٿيو.


پوءِ لشڪر جا هزارن ۽ سون جا سالار موسيٰ وٽ آيا.


پوءِ مون اوهان جي قبيلن جي سردارن مان جيڪي ڏاها ۽ عملي ڄاڻ رکندڙ ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان اڳواڻ مقرر ڪيو. اهي مون اوهان جي قبيلن مطابق ڪي هزارن هزارن جا، ڪي سَون سَون جا، ڪي پنجاهہ پنجاهہ جا ۽ ڪي ڏهن ڏهن جا اڳواڻ ۽ ٻيا عملدار بہ مقرر ڪيا.


”اوهين پنهنجن سڀني شهرن ۾، جيڪي خداوند اوهان جو خدا اوهان جي قبيلن مطابق اوهان کي ڏيندو، جج ۽ حاڪم مقرر ڪجو. اهي ماڻهن ۾ بي‌ريائيءَ سان عدالت ڪن.


جنهن ماڻهوءَ انگورن جو باغ لڳايو هجي ۽ انهيءَ جو ميوو اڃا نہ کاڌو هجائين تہ اهو بہ پنهنجي گھر ڏانهن موٽي وڃي، انهيءَ لاءِ تہ متان اهو جنگ ۾ مارجي وڃي ۽ ڪو ٻيو ماڻهو انهيءَ جو ميوو کائي.


سندن دستي جي سالار لاءِ بہ پنير جون هي ڏهہ ٽڪيون کڻي وڃ ۽ ڏسي بہ اچ تہ تنهنجا ڀائر ڪيئن پيا گذارين، انهن کان ڪا نشاني وٺي اچجانءِ.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ