Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 20:20 - Muslim Sindhi Bible

20 رڳو اهي وڻ، جيڪي اوهين سمجھو ٿا تہ کائڻ جي ڪم جا نہ آهن، سي اوهين وڍي برباد ڪري منجھائن انهيءَ شهر جي سامهون حملي واسطي ديوار تائين پهچڻ لاءِ چاڙهي ٺاهجو، جيڪو شهر اوهان سان جنگ ٿو ڪري، ايستائين جو اهو هٿ اچي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

20 رڳو اهي وڻ جي تون سمجهين تہ کاڌي جي ڪم جا نہ آهن، سي تون وڍي برباد ڪري ڇڏج؛ جيڪو شهر تو سان جنگ ڪري، تنهن جي سامهون تون مورچا ٻڌج، جيسين ڪ اهو هٿ اچي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 20:20
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اوهين انهن جا سڀيئي ڪوٽن وارا وڏا شهر فتح ڪندا. اوهين انهن جا سڀ ڪارائتا وڻ وڍي ڇڏيندا، انهن جا سڀ چشما بند ڪري ڇڏيندا ۽ انهن جون زرخيز ٻنيون پٿر اڇلائي ويران ڪري ڇڏيندا.“


هن يروشلم ۾ هنرمندن کان نئين نموني جون مشينون ٺهرايون جيڪي تير ۽ وڏا پٿر وَسائڻ لاءِ ٺُلهن ۽ ڪوٽن جي ڪنڊن تي رکيون ويون. سو هر طرف هن جي هاڪ پئجي ويئي، ڇاڪاڻ تہ خدا جي مدد سان هو ڏاڍو طاقتور بڻجي ويو.


مون ڏٺو تہ هڪڙو ننڍڙو شهر هو، جنهن ۾ ڪي ٿورا ماڻهو رهندا هئا. انهيءَ شهر تي هڪڙو طاقتور بادشاهہ چڙهائي ڪري آيو ۽ اچي شهر جو گھيرو ڪيائين. هن شهر جي ڀتين تان ٽپڻ لاءِ انهن جي سامهون وڏا دمدما ٻڌا.


تنهنڪري خداوند اشور جي شهنشاهہ بابت هيئن ٿو فرمائي تہ ’هو هن شهر ۾ داخل ٿي نہ سگھندو، نڪي شهر تي ڪو تير هلائي سگھندو. سندس ڪوبہ سپاهي ڍال کڻي شهر جي ويجھو نہ ايندو، ۽ نہ وري هو انهيءَ جي چوڌاري دِڪا ئي ٺاهي سگھندا.


ڏسو، هن شهر جي گھرن ۽ يهوداہ جي بادشاهن جي محلاتن، جيڪي ڊاهي ڍير ڪيل آهن تن بابت آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ انهن جي بچاءَ لاءِ دِڪا ڊاهڻ ۽ جنگ ڪندڙن سان وڙهڻ فضول آهي.


قادرِمطلق خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يروشلم تي حملي ڪرڻ لاءِ وڻ وڍي انهن سان شهر جي ڪوٽ تائين دِڪو ٻڌو وڃي. هن شهر کي ضرور سزا ملڻ گھرجي، اهو ظلم سان ڀرجي ويو آهي.


پر جڏهن بابل وارا يهوداہ جي شهرن تي حملو ڪندي مٽيءَ جا دِڪا ٺاهيندا ۽ مورچا اڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ يهوداہ جي ماڻهن کي ماري ڇڏين، تڏهن فرعون پنهنجي وڏي لشڪر ۽ ماڻهن جي وڏي انبوہ هوندي بہ جنگ ۾ يهوداہ جي مدد ڪري نہ سگھندو.


هاڻي اسين اوڏانهن ڪيئن وڃون؟ اسان جن کي ملڪ جو حال معلوم ڪرڻ لاءِ موڪليو هو تن تہ اسان جي دل ڀڃي ڇڏي آهي. هو چون ٿا تہ اُتي جا ماڻهو اسان کان وڌيڪ طاقتور آهن، سندن قد ڊگھا آهن، هنن جا شهر وڏا آهن ۽ انهن شهرن جون ڀتيون آسمان سان ڳالهيون ٿيون ڪن. ان کان سواءِ هنن اتي عناق جو اولاد راڪاس بہ ڏٺا آهن.‘


جڏهن اوهين ڪنهن شهر کي جنگ ڪري فتح ڪرڻ لاءِ گھڻي وقت تائين ان جو گھيرو ڪيو ويٺا هجو، تڏهن اوهين ڪهاڙيءَ سان انهيءَ جا وڻ وڍي نہ ڇڏجو، ڇو تہ انهن جو ميوو اوهان جي کائڻ جي ڪم ايندو. تنهنڪري انهن کي نہ وڍجو، ڇاڪاڻ تہ ميدان جا وڻ ڪي ماڻهو ڪين آهن جو اوهين انهن کي گھيرو ڪريو.


موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جيڪو ملڪ خداوند اوهان جو خدا اوهان جي قبضي ۾ ڏيڻ وارو آهي، تنهن ۾ جيڪڏهن ڪنهن جو لاش ٻاهر ڪٿي پيل ملي ۽ اها خبر نہ پوي تہ کيس ڪنهن ماريو آهي،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ