2 جڏهن جنگ شروع ٿيڻ واري هجي، تڏهن ڪاهن اڳيان اچي بيهي ۽ ماڻهن سان مخاطب ٿئي.
2 ۽ جيڪڏهن اوهين دشمنن جي ويجها وڃو، تڏهن ڪاهن ماڻهن وٽ وڃي انهن سان گفتگو ڪري،
خداوند اسان سان گڏ آهي، هو اسان جو رهبر آهي. هن جا ڪاهن جنگي توتارا وڄائي اوهان جي خلاف جنگ جو اعلان ڪندا. اي اسرائيل وارؤ! خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا سان نہ وڙهو، ڇاڪاڻ تہ اوهين سوڀ نہ ماڻيندا.“
موسيٰ اليعزر ڪاهن جي پٽ فينحاس کي انهن سان گڏ جنگ تي موڪليو، جنهن عبادتگاهہ جا مخصوص ٿيل ٿانوَ ۽ اشاري ڏيڻ لاءِ توتارا پاڻ سان کنيا.
موسيٰ وڌيڪ چيو تہ ”جڏهن اوهين پنهنجي دشمنن سان جنگ ڪرڻ نڪرو، تڏهن پاڻ کان وڌيڪ لشڪر، گھوڙا ۽ جنگي گاڏيون ڏسي ڊڄي نہ وڃجو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جو خدا اوهان ساڻ آهي، جنهن اوهان کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو.
هو کين چوي تہ ’اي بني اسرائيل! ٻڌو، اڄ اوهين پنهنجن دشمنن سان جنگ ڪرڻ لاءِ آيا آهيو، سو اوهين دل نہ لاهجو. اوهين نڪي ڊڄو، نڪي ڏڪو ۽ نہ وري انهن کي ڏسي دهلجي وڃجو.
انهيءَ ڏينهن خدا جي عهد واري صندوق اتي بني اسرائيل وٽ آندي ويئي هئي. سو سائول اخياہ ڪاهن کي چيو تہ ”خدا جي صندوق هتي کڻي اچ.“
تڏهن دائود سائول کي چيو تہ ”انهيءَ ماڻهوءَ جي ڪري ڪنهن جي بہ دل نہ گھٻرائي، آءٌ اوهان جو ٻانهو انهيءَ فلستيءَ سان وڃي وڙهندس.“