Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 20:14 - Muslim Sindhi Bible

14 پر عورتون، ٻار، ڍور ڍڳا ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر جو لُٽ وارو مال هجي، سو اوهين پنهنجي لاءِ رکجو. اوهان جي دشمنن جي لُٽ جو مال جيڪو خداوند اوهان جو خدا اوهان کي ڏئي، سو اوهين ڀلي پنهنجي ڪتب آڻجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

14 پر زالون، ۽ ٻار، ۽ ڍور ۽ ٻيو جيڪي بہ شهر ۾ هجي، يعني انهي جو سمورو لٽ جو مال، تون پنهنجي لاءِ رکج؛ ۽ تنهنجن دشمنن جي لٽ جو مال، جو خداوند تنهنجو خدا توکي ڏئي، سو تون ڀلي کائج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 20:14
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن يهوسفط ۽ سندس لشڪر وارا دشمنن جو مال لٽڻ لڳا. هنن بي‌انداز ڍور ڍڳا، مال متاع، ڪپڙا ۽ قيمتي شيون پنهنجي هٿ ڪيون. لٽ جو مال ايترو تہ گھڻو هو جو هو ٽن ڏينهن تائين اهو ميڙي گڏ ڪندا رهيا. تنهن هوندي بہ هو سمورو مال کڻي نہ سگھيا.


”بادشاهہ پنهنجي لشڪرن سوڌا پوئتي هٽي ڀڄندا ٿا وڃن. هاڻ گھرن ۾ ويٺل عورتون سندن لٽ جو مال پيون ورهائين.


هو لُٽ جو سمورو مال، سڀ قيدي ۽ جانور ساڻ ڪري


يريحو شهر جي سامهون اردن درياءَ جي ڪناري موآب جي ميدان ۾ موسيٰ، اليعزر ڪاهن ۽ سڄيءَ قوم وٽ وٺي آيا.


هن کين چيو تہ ”ڇو اوهان سڀني عورتن کي جيئرو ڇڏيو آهي.


پر انهن سڀني ڇوڪرين کي پنهنجي لاءِ جيئرو ڇڏيو جيڪي ڪنواريون آهن.


بني اسرائيل جي انهن جنگي جوڌن مديانين جون عورتون ۽ انهن جا ٻار ٻچا قيد ڪيا. انهن جا سمورا ڍور ڍڳا ۽ رڍون ٻڪريون ڪاهيائون ۽ سندن ٻيو سمورو سامان مالِ‌غنيمت ڪري کنيائون.


انهن سڀني حالتن ۾ بہ اسين انهيءَ جي وسيلي شاندار فتح حاصل ڪريون ٿا، جنهن اسان کي پيار ڪيو.


رڳو چوپايو مال ۽ هٿ ڪيل شهرن جي لُٽ جو مال اسان غنيمت ڄاڻي پاڻ وٽ رکيو.


انهن سڀني شهرن سان اوهين ائين ئي ڪجو، جيڪي اوهان کان گھڻو پري آهن ۽ جن جو ويجھين ڪنعاني قومن سان واسطو نہ آهي.


انهن شهرن جو چوپايومال ۽ ٻيو لٽ جو مال بني اسرائيل پنهنجي لاءِ رکي ڇڏيو. پر سڀني ماڻهن کي هنن تلوار جي ڌار سان ماري ڇڏيو، ڪنهن کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائون.


تون عئي شهر ۽ انهيءَ جي بادشاهہ سان بہ ائين ئي ڪجانءِ جيئن يريحو شهر ۽ ان جي بادشاهہ سان ڪيو هوءِ، پر هن دفعي اوهين انهي جي لٽ جو مال ۽ چوپايو مال ڀلي پنهنجي لاءِ رکجو. شهر تي قبضي جي لاءِ اوهين انهيءَ جي پٺيان لڪي تيار ٿي ويهجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ