12 پر جيڪڏهن هو اوهان سان صلح نہ ڪن، بلڪ جنگ شروع ڪن، تہ پوءِ اوهين انهيءَ شهر جو گھيرو ڪجو.
12 ۽ جيڪڏهن هو توسان صلح نہ ڪن، پر جنگ ڪن، تہ تون انهي کي گهيرو ڪج:
جيڪڏهن هو صلح منظور ڪن ۽ اوهان جي لاءِ دروازا کولي ڇڏين تہ اتي جا سڀ رهاڪو اوهان جي بيگر وهندا ۽ اوهان جا غلام ٿي رهندا.
پوءِ جڏهن خداوند اوهان جو خدا اهو اوهان جي قبضي ۾ ڏئي، تڏهن اوهين اتي جي سڀني مردن کي تلوار جي ڌار سان قتل ڪري ڇڏجو.