Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 20:11 - Muslim Sindhi Bible

11 جيڪڏهن هو صلح منظور ڪن ۽ اوهان جي لاءِ دروازا کولي ڇڏين تہ اتي جا سڀ رهاڪو اوهان جي بيگر وهندا ۽ اوهان جا غلام ٿي رهندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 ۽ جيڪڏهن هو توکي صلح جو جواب ڏي، ۽ تنهنجي لاءِ دروازا کولي ڇڏي، تہ جيڪي ماڻهو انهي ۾ هجن، سي سڀ تنهنجا ڍل ڀريندڙ ٿيندا، ۽ تنهنجي خدمت ڪندا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 20:11
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

صور ملڪ جو بادشاهہ حيرام جيڪو هميشہ دائود جو دوست رهيو هو، تنهن جڏهن ٻڌو تہ سليمان کي مسح ڪري سندس پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو ويو آهي، تڏهن هن سليمان ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا.


هن ورندي ڏنس تہ ”نہ، هنن کي نہ ماراءِ. ڇا تون جيڪر انهن کي مارائي ڇڏيندين جن کي تون مقابلي دوران پڪڙي اچين؟ بلڪ هنن جي اڳيان ماني ۽ پاڻي رکراءِ تہ جيئن اهي کائن پيئن. پوءِ هنن کي موڪل ڏي تہ ڀلي پنهنجي مالڪ وٽ موٽي وڃن.“


آءٌ تہ صلح جو ڏاڍو ڪوڏيو آهيان، پر جڏهن صلح جي ڳالهہ ٿو ڪريان تڏهن هو جنگ جي لاءِ تيار ٿيو وڃن.


پر سندس وطن جا ماڻهو هن کان بيزار هئا. تنهنڪري هنن سندس پٺيان انهيءَ ملڪ ڏانهن پنهنجا ايلچي موڪليا تہ ’اسان جي مرضي نہ آهي تہ هي ماڻهو اسان جي مٿان بادشاهي ڪري.‘


جڏهن اوهين ڪنهن شهر سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهيءَ جي ويجھو پهچو، تڏهن پهريائين شهر وارن ڏانهن صلح جو پيغام موڪلجو.


پر جيڪڏهن هو اوهان سان صلح نہ ڪن، بلڪ جنگ شروع ڪن، تہ پوءِ اوهين انهيءَ شهر جو گھيرو ڪجو.


پر انهن جزر ۾ رهندڙ ڪنعانين کي ڀڄائي نہ ڪڍيو، سو ڪنعاني اڄ ڏينهن تائين بني افرائيم ۾ رهندا اچن. البت هو ٻانها ٿي انهن جي بيگار جو ڪم ڪندا آهن.


انهيءَ سان گڏوگڏ يشوع انهن کي قوم جي لاءِ ۽ خداوند جي قربان‌گاهہ جي لاءِ ڪاٺير ۽ ماشڪيءَ جي ڪم تي مقرر ڪيو. اڄ ڏينهن تائين هو انهيءَ قربان‌گاهہ واري جاءِ ۾ اهو ڪم ڪندا ٿا اچن، جا خدا پنهنجي لاءِ چونڊي هئي.


تڏهن هنن يشوع کي چيو تہ ”اسين تنهنجا ٻانها آهيون.“ تنهن تي يشوع کانئن پڇيو تہ ”اوهين ڪير آهيو ۽ ڪٿان آيا آهيو؟“


هنن وراڻيس تہ ”اسين تنهنجا ٻانها ڏورانهين ملڪ کان خداوند اوهان جي خدا جي هاڪ ٻڌي آيا آهيون. اسان اهو سڀ ڪجھہ ٻڌو آهي جيڪو اوهان جي خدا مصر جي ملڪ ۾ ڪيو هو


جڏهن بني اسرائيل مضبوط ٿيا، تڏهن هو ڪنعانين کان بيگر جو ڪم وٺڻ لڳا پر انهن کي صفا هڪالي نہ ڪڍيائون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ