Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




شريعت جو دور 20:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن اوهين ڪنهن شهر سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهيءَ جي ويجھو پهچو، تڏهن پهريائين شهر وارن ڏانهن صلح جو پيغام موڪلجو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

10 جڏهن تون ڪنهن شهر سان جنگ ڪرڻ لاءِ انهي کي ويجهو وڃين، تڏهن پهرين انهي کي صلح جو پيغام موڪلج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




شريعت جو دور 20:10
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن جو قول پنهنجو پاڻ فعل جي صورت اختيار ٿو ڪري، آءٌ اهو ئي خداوند چوان ٿو تہ آءٌ سڀني کي سلامتي بخشيندس، توڙي اهي ويجھو هجن يا پري. هائو، آءٌ پنهنجي قوم کي ضرور بحالي عطا ڪندس.


آءٌ اسرائيل ۽ يهوداہ مان جنگ ختم ڪري ڇڏيندس. هائو، اتان آءٌ جنگي گھوڙا ۽ گھوڙي گاڏيون هٽائي ڇڏيندس، ۽ جنگي هٿيار ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيندس. اوهان جو اهو بادشاهہ قومن منجھہ امن وَ سلامتي آڻيندو. اولهہ کان اوڀر تائين توڙي اتر کان ڏکڻ تائين، هن جي ئي حڪومت پيئي هلندي.


خدا جي خوشخبريءَ جو پيغام جيڪو هن بني اسرائيل قوم ڏانهن موڪليو سو هي آهي تہ عيسيٰ مسيح جيڪو سڀني جو خداوند آهي، تنهن جي وسيلي خدا سان ماڻهن جو ميل ميلاپ ٿئي.


هي سڀ ڪجھہ خدا جي طرفان آهي، جنهن مسيح جي وسيلي اسان جو پاڻ سان ميل ميلاپ ڪرايو ۽ اسان جي حوالي اها خدمت ڪيائين تہ ٻين جو ساڻس ميل ميلاپ ڪرايون.


سو اوهين جيڪي ٻڌل عهدن کان پري هئا ۽ اهي جيڪي ويجھا هئا، تن ٻنهي کي مسيح اچي ميل ميلاپ جي خوشخبري ٻڌائي.


”پوءِ مون قديمات جي بيابان مان حشبون جي بادشاهہ سيحون ڏانهن، ايلچين جي هٿان صلح جو پيغام موڪليو. کيس چوائي موڪليم تہ


جيڪڏهن هو صلح منظور ڪن ۽ اوهان جي لاءِ دروازا کولي ڇڏين تہ اتي جا سڀ رهاڪو اوهان جي بيگر وهندا ۽ اوهان جا غلام ٿي رهندا.


پوءِ جڏهن عملدار ماڻهن سان ڳالهائي بس ڪن، تڏهن هو انهن جي لشڪر جي مٿان ڪي سالار مقرر ڪن.


پوءِ افتاح بني عمون جي بادشاهہ ڏانهن ايلچين سان چوائي موڪليو تہ ”تنهنجو اسان سان ڪهڙو جھڳڙو آهي جو تون اسان جي ملڪ تي ڪاهي آيو آهين؟“


پوءِ قوم وارن بني بنيامين ڏانهن صلح جو پيغام موڪليو، جيڪي رمون جي ٽڪر تي رهيل هئا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ